اسلام آباد: حڪومت ٽيڪس اوڳاڙين جو هدف بجيٽ کان 24 ڪلاڪ اڳ 26 ارب رپيا گهٽائي ڇڏيو.4717 ارب رپين بدران 4691 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو. مجموعي طور تي حڪومت ٽيڪس اوڳاڙين جي هدف ۾ پوڻا 3 کرب رپين جي گهٽتائي ڪئي آهي. حڪومت مالي سال 21-2020ع لاءِ مقرر ڪيل ٽيڪس اوڳاڙين جي هدف تي هڪ ڀيرو وري تي نظرثاني ڪندي وڌيڪ 26 ارب رپين جي گهٽتائي ڪري ڇڏي ۽ هدف 47 کرب 17 ارب رپين کان گهٽائي 46 کرب 91 ارب رپيا مقرر ڪري ڇڏيو. ايف بي آر جو چوڻ آهي ته ڪوشش ڪئي ويندي ته هلندڙ مالي سال ختم ٿيڻ تي ٽيڪس اوڳاڙيون 47 کرب رپين کان وڌيڪ ٿين. هلندڙ مالي سال لاءِ انڪم ٽيڪس، فيڊرل ايڪسائز ڊيوٽي، ورڪرز پرافٽ ڀائيواري فنڊ ۽ ڪيپيٽل ويليو ٽيڪس جي مد ۾ وصولين جي هدف ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي ۽ سيلز  ٽيڪس ۽ ورڪرز ويلفيئر فنڊ جي مد ۾ وصولين جو هدف وڌايو ويو آهي. هلندڙ مالي سال 21-2020ع جي بجيٽ ۾ ايف بي آر لاءِ ٽيڪس وصولين جو هدف 49 کرب 63 ارب روپيه مقرر ڪيو ويو هو پر ان تي نظرثاني ڪندي 246 ارب روپين جي گهٽتائي ڪري هدف 47 کرب 17 ارب روپيه ڪيو ويو هو جنهن ۾ هاڻ وڌيڪ 26 ارب روپين جي گهٽتائي ڪئي وئي آهي. هاڻ انڪم ٽيڪس وصولين جو هدف 2032.56 ارب روپين مان گهٽ ڪري 1779.92 ارب روپيه ڪيو ويو آهي. 2 کرب 52 ارب 64 ڪروڙ رپين جي گهٽتائي ڪئي وئي. سيلز ٽيڪس وصولين جو هدف 1919 ارب روپين مان وڌائي 1927 ارب رپيا ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت 8 ارب رپين جو اضافو ڪيو ويو آهي. ايڪسائيز ڊيوٽي جي مد ۾ وصولين جو هدف 361 ارب روپين مان گهٽ ڪري 275 ارب رپيا ڪيو ويو اهڙي ريت 86 ارب رپين جي گهٽتائي ڪئي وئي آهي ۽ ڪسٽمز ڊيوٽي جي مد ۾ وصولين جو هدف 640 ارب رپين مان وڌائي 700 ارب رپيا ڪيو ويو آهي 60 ارب رپين جو واڌارو ڪيو ويو آهي.