اسلام آباد: وفاقي حڪومت پاران جاري ڪيل اقتصادي سروي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ملڪ ۾ گڏهن جي آبادي ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ اضافو ٿيو آهي، سال 20-2019 ۾ گڏهن جي آبادي 55 لک هئي جيڪا هلندڙ سال دوران وڌي 56 لک ٿي وئي آهي. اقتصادي سروي رپورٽ موجب گذريل 13 سالن ۾ گهوڙن جو تعداد نه وڌيو آهي، جڏهن ته اٺن جي نسل ۾ گذريل 5 سالن دوران واڌ نه ٿي آهي، ملڪ ۾ اٺن جو تعداد 11 لک آهي. رپورٽ موجب رڍن جو انگ 3 ڪروڙ 12 کان وڌيڪ 3 ڪروڙ 16 لک ٿي ويو، ٻڪرين جو انگ 7 ڪروڙ 80 لک کان وڌي 8 ڪروڙ ٿي ويو، مينهن جو انگ 4 ڪروڙ 10 لک کان وڌيڪ 4 ڪروڙ 24 لک ٿي ويو.