غزه/ واشنگٽن(م ڊ) غزه ۾ اسرائيلي فوج جي حملن ۾ وڌيڪ 55 فلسطيني شهيد ٿي ويا، فلسطيني صحت واري وزارت موجب غزه ۾اسرائيلي جارحيت ۾ 24 ڪلاڪن دوران 200 فلسطيني زخمي ٿيا. هن وقت تائين مارجي ويلن جو انگ 34 هزار 844 ٿي ويو. هوڏانهن رفع ۾ آمريڪي بمن جي استعمال جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب اسرائيل کي بمن جي فراهمي روڪي وئي، هوڏانهن غزه شهر جي سرحد علائقي رفح تي حملي سبب اسرائيل ۽ آمريڪا ۾ لاڳاپا خراب ٿي ويا، ڇڪتاڻ ان قدر تائين وڌي وئي جو آمريڪا اسرائيل کي ڏيندڙ هٿيارن جي کيپ روڪي ڇڏي آهي، خابرو اداري جي رپورٽ موجب هڪ سينيئر آمريڪي اهلڪار اطلاع ڏنو ته بائيڊن انتظاميا رفح تي اسرائيل جي حملي کي ٽارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر اسرائيل رفح جي خلاف فوجي ڪارروائي شروع ڪري ڏني، ٻئي طرف حماس جو چوڻ آهي ته غزه ۾ اسرائيل جي جارحيت رهي ته جنگبندي معاهدو نه ٿو ڪري سگهجي.