اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي بشريٰ بي بي بني گالا کان اڊيالا جيل منتقل، 190ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي بعد بشريٰ کي اڊيالا جيل ۾ روڪيو ويو، ذريعن موجب بشريٰ بي بي جو سامان بني گالا کان اڊيالا منتقل ڪيو ويندو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بشريٰ بي بي جي اڊيالا جيل منتقلي جي درخواست منظور ڪندي جيل انتظاميا تي گنجائش نه هجڻ ۽ سيڪيورٽي مسئلن سبب کيس جيل منتقل ڪرڻ وارو موقف رد ڪيو هو، عدالت بني گالا رهائشگاهه کي سب جيل قرار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن به غيرقانوني قرار ڏنو ويو، عدت ۾ نڪاح ڪيس  ۾ عدالت پاران سزا ٻڌائڻ بعد جيل انتظاميا بني گالا کي سب جيل قرار ڏنو هو.