ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي ) سنڌ ۾ نوان ٿاڻا ٺاهڻ  ۽ پراڻا ٿاڻا ضم ڪرڻ جو فيصلو، ان ڏس ۾  ڪالهه سي پي او ۾ آءِ جي غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پوليس ۾ سڌارن بابت غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ آءِ جي چيو ته صوبي ۾ نوان ٿاڻا ٺاهڻ توڙي مختلف  ٿاڻن کي پاڻ ۾ ضم ڪرڻ بابت تجويزون پيش ڪيون وڃن، انهن تجويزن ۾ علائقي جي آبادي، ڏوهن جي شرح، حساسيت ۽ ٿاڻن  وچ ۾ مفاصلي کي نظر ۾ رکيو وڃي،  جن علائقن  ۾ڏوهه گهٽ ٿين ٿا، اتان جي ٿاڻن کي ٻين ٿاڻن ۾ ضم ڪرڻ بابت اڳوڻن آفيسرن ۽ علائقي جي معززن کان راءِ ورتي وڃي، آءِ جي چيو ته ايس ايچ اوز، ايس آءِ اوز ۽ ٻئي اسٽاف جي مقرري جي حوالي سان معيار، تجربي، قابليت ۽ مهارت تي مشتمل تجويزون ترتيب ڏنيون وڃن، هن چيو ته ٿاڻن ۾ عوام دوست سڌارن ۽ وڌيڪ افرادي قوت جي فراهمي امن امان قائم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي، اسان کي عوام لاءِ ٿاڻن کي مثبت ۽ بھتر بنائڻو آهي، آءَ جي سنڌ چيو ته پوليس ٽريننگ نصاب، ٽريننگ ماڊيول سان ڀرپور فائدن لاءِ ڪورسز، ورڪشاپ ۽ ليڪچرز ڪوٺائڻ ضروري آهن