نواب شاهه/ميرپورخاص (نمائندن وٽان) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آھي ته هي ضلعو ۽ ڊويزن منهنجي لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو، ان جو نالو اسان جي عظيم ليڊر شهيد بينظير ڀٽو سان منسوب آھي، ھن چيو ته پھريان توھان صدر آصف علي زرداري کي هتان ايم اين اي چونڊيندا رهيا آهيو، هن ڀيري محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي ڌيءَ آصفه ڀٽو کي ايم اين اي چونڊيو آهي، هي اعزاز شهيد بينظير آباد ضلعي جي ماڻهن جي لاءِ آھي، ھن اھڙن خيالن ۾ اظھار نواب شاھ جي مقامي شادي ھال ۾ چونڊيل نمائندن ۽ ڪارڪن جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، ھن چيو ته اسان ته 1 کان 4 گريڊ جون نوڪريون ڏيون پيا ليڪن عدالتي پاپندي سبب نوڪريون نه ڏئي سگهياسين، ھن چيو ته قانون وارو وزير عدالتي پاپندي ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، ۽ اسان جلد نوڪريون ڏينداسين، ھن چيو ته ڪرونا دوران 810 ڊاڪٽر مقرر ڪيا ويا، بعد ۾ ڊاڪٽرن کي ايس پي ايس سي ڏانهن موڪليو ويو، جن مان 88 ڊاڪٽر نه آيا ۽ 722 ڊاڪٽرن امتحان ڏنو، جن مان 124 جي قابليت سٺي ھئي، 598 مان 522 ڊاڪٽر ڪامياب ٿي ويا، ھن چيو ته جيڪي ڊاڪٽر ڪورونا جي ڪري رھجي ويا انھن کي ٻيهر ڪميشن پاس ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو، ھن چيو ته گذريل سال 14 لک ٽن مان 11 لک ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ خريد ڪئي وئي، اسان جي گودامن ۾ 4 لک ٽن ڪڻڪ پيل ھئي جڏھن ته اسان جي گهرج 13 لک آهي، جڏھن ته سنڌ حڪومت پاران 9 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي ۽ نئون اگهه 4000 رپيا في مڻ مقرر ڪيو آھي، ھن چيو ته بدقسمتي سان نگران حڪومتي دور ۾ وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ امپورٽ ڪئي وئي جيڪا نه ٿيڻ گهرجي ها، جڏھن ته سنڌ حڪومت 450000 ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي آهي، ھن چيو ته جتي باردانه جو مسئلو هوندو اتي باردا ڏئي خريداري ڪنداسين، صوبائي وزير خوارڪ ڄام خان شورو بدراڻي معاملي جي جاچ ڪري رهيو آهي، جڏھن ته 4 ڊي ايف سيز کي معطل ڪيو ويو آهي، جڏھن ته اجلاس ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو، صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ، ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، ناصر شاهه، سعيد غني، ڄام خان شورو، حاجي علي حسن زرداري، ضياءُ الحسن لنجار، شاهد ٿهيم، سينيٽر قرت العين مري، ايم اين اي سيد ابرار شاهه، ايم پي اي مڪيش ڪمار چاولا،  ايم پي اي جاويد آرائين، صلاح الدين جوڻيجو، پارٽي جي ڊويزنل صدر ۽ ڪارڪنن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، هوڏانهن وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ميرپورخاص پھتو، جتي ھن ميرپورخاص، ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ضلعن جي پارٽي عھديدارن، ڪارڪنن ۽ يونين ڪائونسلن جي چيئرمينن کان تجويزون ورتيون. ان موقعي تي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته ميرپورخاص ۾ پ پ خلاف اليڪشن ۾ سازشون ٿي رھيون ھيون، جنھن کي ڪارڪنن ۽ عوام  ناڪام بڻايو آھي، ھن چيو ته بلاول ڀٽو جو چوڻ آھي ته ڪراچي ۾ ويھي وزير حڪومت نه ھلائيندا، انھن کي عوام وٽ وڃي، عوام جي مرضيءَ موجب حڪومت ھلائڻي پوندي، ان ڪري ئي ايم اين ايز، ايم پي ايز کان تجويزون وٺڻ بدران ڪارڪنن کان تجويزون ورتيون پيون وڃن. ھن چيو ته ٻارن جي 60 بسترن واري اسپتال  ميرپورخاص لاءِ منظور ڪئي وئي آھي، ان کان علاوھ مڪمل اين آءِ سي وي ڊي اسپتال جوڙي ويندي. ميرپورخاص ۾ آءِ بي اي جو ڪيمپس بند ٿيڻ  نھ ڏنو ويندو. ھن چيپو تھ ھن وقت تائين 10 ھزار نوڪريون ڏئي چڪا آھيون ۽ وڌيڪ به حقدارن کي نوڪريون ڏنيون وينديون.