ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري اڄ  منجهند 2 وڳي سنڌ اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪيو آهي، جنهن ۾ 9 مئي سانحي خلاف قرارداد پاس ڪئي ويندي، هوڏانهن  پ پ ايم پي اي سعديه جاويد پاران سنڌ اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ اهڙي قرارداد جمع به ڪرائي وئي آهي، جنهن ۾ 9 مئي واقعي جي مذمت ٿيل آهي، اڄوڪي اجلاس ۾ ايم پي ايز انهي قرارداد  تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندا.