لاهور (بيورو رپورٽ) ايف بي آر جو ڪمال، 24 سال اڳ فوت ٿيل شخص کي ٽيڪس ريڪوري جو نوٽيس موڪلي ڇڏيو، لاهور هاءِ ڪورٽ نوٽيس تي عملدرآمد روڪيندي لاڳاپيل اختيارين کي طلب ڪري ورتو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس راحيل ڪامران شيخ شهري گل ريز راشد جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، درخواستگذار انڪشاف ڪندي چيو ته منهنجو والد 24 سال اڳ فوت ٿي ويو آهي پر ان باوجود کيس ٽيڪس نوٽيس اماڻيو ويو آهي، درخواستگذار جي وڪيل قانوني نقطو اٿاريندي چيو ته ڪنهن به اهڙي شخص کي نوٽيس نه ٿو اماڻي سگهجي، جيڪو فوت ٿي ويو هجي، وڪيل فوتي جو فوتگي وارو سرٽيفڪيٽ به عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت کان سرڪار ان معاملي تي لاڳاپيل اختيارين کان هدايت وٺڻ لاءِ مهلت گهري، عدالت مهلت ڏيندي نوٽيس تي عملدرآمد روڪڻ جو حڪم ڏنو ۽ وڌيڪ ڪارروائي 17 جون تائين ملتوي ڪئي وئي.