لاهور (م ڊ) پنجاب ۽ سنڌ ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ لاءِ پنجاب 3 ٽيمون جوڙي ڇڏيون، ٽيمون 4، 4، ميمبرن تي ٻڌل آهن، آبپاشي کاتي پنجاب ٽيمون ايگزيڪيوٽو انجنيئر جي نگراني ۾ جوڙيون آهن، سنڌ حڪومت پاران اڃا ٽيمون نه جوڙيون ويون آهن ۽ نه وري شيڊول جاري ڪيو آهي، ذريعن موجب آبپاشي کاتي پاران گڊو، سکر، ڪوٽڙي ۽ تونسا تي پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جو رڪارڊ جوڙيو پيو وڃي.