ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪورنگي ۾ پابندي باوجود سرعام مين پڙي ۽ گٽڪو وڪرو ڪرڻ واري ڪيس ۾ آءِ جي سنڌ، ڊي آء جي اوڀر ۽ ٻين کان ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ طلب ڪري ورتي، ٻڌڻي دوران زمان ٽائون ٿاڻي جا پوليس اهلڪار ۽ گٽڪو کائڻ سبب فوت ٿيل نسيم حيدر جي ڀيڻ  پيش ٿيا، سجادي بيگم عدالت کي ٻڌايو ته ڪورنگي ۾ سڀ کان وڌيڪ گٽڪو استعمال ٿي رھيو آهي، مردن سان گڏ ڇوڪريون به گٽڪو واپرائين ٿيون، پوليس گٽڪا مافيا جي  سهولتڪار بڻيل آهي، منهنجا ٻه ڀائر وات جي ڪينسر (مائوٿ ڪينسر ) وگهي  فوت ٿي ويا آھن، جنھن تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته پوليس گٽڪو وڪرو ڪندڙن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي آهي؟ رپورٽ پيش ڪئي وڃي، عدالت آءِ جي سنڌ،  ڊي آءِ جي اوڀر ۽ ٻين کان ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 16 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.