ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ ۾ پ ٽ الف اڳواڻن سميت مختلف ڌرين مطالبن جي مڃتا لاءِ مظاهرا ڪيا. ان ڏس ۾ پرائمري استادن جي تنظيم پ ٽ الف ضلع دادو جي سڏ  ٽريزري آفيسرن جي مبينا زيادتين ۽ ٻين مسئلن جي حل لاء پ ٽ الف ميھڙ جي صدر اعجاز چانڊيو، اعجاز منگي، عبدالصمد ٻگھيو ، مجاھد سومرو ، عبدالرب مھيسر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو. ويوهنن چيو ته ٽريزري آفيس دادو پاران رٽائر توڙي ٻين استادن سان پگھارن جي مسئلن ۾ زيادتي ڪئي وڃي ٿي استادن جي جائز مسئلن تي رشوت نہ ڏيڻ ڪري بنا جواز اعتراض ڪري کين تنگ ڪيو پيو وڃي ھنن گھر ڪئي تہ ٽريزري افيس جي عملدارن جي ناجائزي ڪرپشن جو نوٽيس وٺي استادن جا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جاري رھندي. ٻئي پاسي سماجي اڳواڻ  برڪت نوناري جي حيدرآباد واري گھر مان لڳل ڌاڙي ۽ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف سپريو بند ٽينٽ  بستي جي رھواسين قائم جتوئي، شيرزادو جتوئي سنڌي ادبي سنگت شاخ سرمد بروھي علي شير بروھي ھوش محمد جتوئي علي گوھر بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي  ۾ احتجاج ڪيو. هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار جلد کان جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي مظاهري جو دائرو وڌايو ويندو. ميونسپل ڪاميٽي جي ملازم عورتن خورشيد بيگم، فردوسِ خاتون، صغران خاتون پنھنجن معصوم ٻارڙن سان گڏ  احتجاج ڪندي چيو ته سي ايم او بابر مگسي ۽ ذميوار آفيسرن جي زيادتين ۽ پگھارون ڪٽوتي ڪري رهيو آهي. اسان پنھنجا حق گھرون ٿا ته ميونسپل انتظاميه اسان جي مردن سرائي غلام علي، سرائي رياض، سرائي عنايت تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي. ميونسپل انتظاميه جي ذميوار آفيسرن ھنن کي کڻي گم ڪري ڇڏيو آھي کين آزاد ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.