نصيرآباد (رپورٽر) نصيرآباد جي ڪاٺيا پاڙي جي رهواسي ٽنگ کان معزور ٽائون ڪاميٽي جي ملازم مٺل ڍڪڻ مٿان چرس هٿ اچڻ جو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف سندس امڙ نواب زادي، ڀيڻ ريشما خاتون ۽ مسڪان سان گڏجي پريس ڪلب اڳيان  پوليس خلاف احتجاج ڪيو، ان موقعي تي مظاهرين دانهيندي چيو ته اسان جو نوجوان هڪ ٽنگ کان معذور آھي، پوليس کيس گرفتار ڪري بيگناهه منشيات ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي،نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.