ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس ۽ شاعر مظهر ابڙو وڇڙي ويو، سوشل ميڊيا تي ڏک

0
41

 سنڌي ٻولي جو ناميارو ڪھاڻيڪار ڊراما نويس شاعر مظهر ابڙو وڇڙي ويو جنهن تي سوشل ميڊيا تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو، ان حوالي سان زاهد شيخ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڏک جي خبر ، سنڌي ٻولي جو ناميارو ڪھاڻيڪار ڊراما نويس شاعر ۽ اسانجو پيارو دوست مظھر ابڙو اسان کان  ھميشه جي لاءِ وڇڙي ويو دعا آھي ته  رب سائين کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي آمين، جنهن تي علي عابد سومرو، نثار ٻرڙو، آفتاب شيخ، شنڪرداس، منير ڀرڳڙي، حريف چانڊيو، مسروس حسين سيال، ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري، عبدالمجيد جتوئي، علي حسن سرڪي، آزاد انور ڪانڌڙو به ڏک جو اظهار ڪيو، اشتياق احمد لکيو ته ڏاڍو افسوس ٿيو مظهر ابڙو سنڌ ڌرتي جو بهترين شاعر اسان کان وڇڙي ويو، گل ميمڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ناليوارو ڪالم نگار بھترين ليکڪ سوشل ورڪر مظھر ابڙو  اولاد جي بي حسي ۽ زال جي ڌوڪي ۽ بي وفائي  جي ڪري گهڻو وقت سوشل ميڊيا تي روئي دانھون ڪندي ڪندي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، مير حسن رند لکيو ته زال جي دوکي ۽ اولاد جي بي وفائي جي ڪري گهڻو وقت سوشل ميڊيا تي روئي دانهون ڪندڙ بهترين ليکڪ مظهر ابڙو نيٺ خودڪشي ڪري ڇڏي، مظھر ابڙو جا ڪالم مختلف اخبارن ۾ پڙھندا ھئاسين ھو ھڪ بھترين ڪھاڻيڪار ھيو، مهتاب سولنگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مظهر ابڙو سدائين لاءِ وڇڙي ويو، دلشاد جمن لغاري، ظهر لاڙڪ به ڏک جو اظهار ڪيو، اشرف علي مهر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌي ٻولي جو ناميارو ڪھاڻيڪار ڊراما نويس شاعر مظھر ابڙو اسان کان  ھميشه جي لاءِ وڇڙي ويو دعا آھي ته رب سائين کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي، مرڻ کانپوءِ چوندا چڱو هو ويچارو، ايترا ڀيرا ته مظهر لائيو اچي زارو قطار رنو جو، سڀ چوڻ لڳاسين ته چريو ٿي ويو آ، روئڻ جو ڍونگ پيو ڪري، ناٽڪ پيو ڪري، ڪافي ڀيرا هن خودڪشي ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي جنهن تي ماڻهن جا ڪمينٽس هئا ته خودڪشي ڪرڻ وارا فيس بوڪ تي حوال ڳالهيون ناهن ڪندا نيٺ هن خودڪشي ڪري ڇڏي. زال پاران ڌوڪو، اولادِ پاران پيءُ مڃڻ کان انڪار، انھي ذھني دٻاءُ ۾ رھندي ناليوارو ڪھاڻيڪار مظھر ابڙو خودڪشي ڪري ڇڏي، مسلسل زال ۽ سندس اولاد جو روئي ذڪر سوشل ميڊيا تي ڪندو ھو، نيٺ مجبور ٿي خودڪشي ڪري ڇڏي. مڪيش ڪمار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته روئيندو رھيو، تڙپندو رھيو، ايتري قدر جو روز خودڪشي کي ٽاريندو رھيو پر نيٺ ھي جھان ڇڏي ھليو ويو مظھر ابڙو، آڪاش مهر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مظھر ابڙو صبح روزو رکي سمھي پيو ۽ جاڳ ٿيڻ تي ويجھن دوستن کي دل جي تڪليف ٿيڻ جا ميسيج ڪيا پر ويجھو صرف جھور والد ۽ امڙ رھيس، ضمير لاشاري، مهراڻ  بلوچ، امر اقبال، شفقت وساڻ، علي گوهر پنهور، منصور ڇڄڻ ۽ ٻين به مظهر ابڙي جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪيو.