ڪهاڻيڪار مظھر ابڙو نا انصافي خلاف وڙهيو … الطاف ابڙو

0
38
ڪهاڻيڪار مظھر ابڙو نا انصافي خلاف وڙهيو ... الطاف ابڙو

 ناليوارو ڪھاڻيڪار، ناول نگار، ڊراما نويس۽ شاعر مظهر ابڙو ولد منظور حسين ابڙو 25 اپريل 1971ع تي خيرپور جي ڳوٺ ڪولاب جيئل، تعلقي ڪنگري، ضلعي خيرپورميرس ۾ پيدا ٿيو. مظھر ابڙي 1987ع ۾ شاعري ڪرڻ شروع ڪئي، بعد ۾ ڪھاڻي طرف آيو جيڪا سڃاڻپ بڻجي وئي،  اڳتي ھلي ناول پڻ لکيائين، مظھر ابڙي شروعاتي تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي جڏھن ته ميٽرڪ ۽ انٽر خيرپور جي ڪامپرھينس اسڪول  مان ڪئي، بي اي ممتاز ڪاليج شاھه عبدالطيف يونيورسٽي مان ڪئي،  ايم. اي. (سنڌي ۽ اڪنامڪس) شاھه عبداللطيف يونيورسٽي مان ڪئي، ڊگريون حاصل ڪرڻ کان پوءِ  پھرين نوڪري حبيب بينڪ اٻاوڙو جنھن کان بعد  تعليم کاتي ۾  پرائمري استاد بڻيو جنھن پوسٽنگ ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ ٿي ڪافي وقت ڳوٺ ۾ استاد رھيو ان کان بعد خيرپور بدلي ڪرائي ويو، ھن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ليڪچررشپ  جو امتحان پاس ڪري سنڌيءَ جو ليڪچرر  مقرر ٿيو جنھن جي پھرين پوسٽنگ ڪرونڊي ۾ ٿي،  مظھر کي تازو اسسٽنٽ پروفيسر جو  پروموشن مليو،  جيڪو  سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور ۾ مقرر ٿيو ھو،

 هن جي ناولن ۽ ڪھاڻين ۾ جديد توڙي ڳوٺاڻي زندگيءَ جا مسئلا ۽ الميا ملن ٿا. هو نئين پيڙهيءَ جو هڪ مڃيل ۽ نالي وارو ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار هيو،جنھن نوي جي ڏهاڪي کان وٺي بيشمار ڪھاڻيون لکيون، جيڪي پنھنجي دور جي مقبول ادبي رسالن ۾ شايع ٿيون. هن جي شايع ٿيل ڪتابن ۾: (1) ’ڌرتيءَ تي وکريل ٽانڊا‘ (ڪھاڻيون : 1993ع)، (2) ’خُواب-کوٽا سِڪا‘ (ڪھاڻيون: 1998ع)، (3) ’جيون-اجاڙ رستا‘ (ناول: 2000ع)، (4) ’سرد خاني ۾ رکيل خُواب‘ (ڪھاڻيون: 2000ع)، (5) ’درد جي آس پاس‘ (شاعري: 2002ع)، (6) ’خوابن جو سفر‘ (ناول/ڪٿا: 2009ع) ۽  (7) ’سڪل نديءَ جا نشان‘ (ڪھاڻيون: 2020ع) شامل آهن. هن کي پنھنجي تخليقي ڪم تي ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا، جن ۾ پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد جو شاهه عبداللطيف ڀٽائي ايوارڊ، سچل سرمست يادگار ڪاميٽي ۽ ثقافت کاتي سنڌ جو سچل سرمست ايوارڊ، ماھوار نئين زندگي حيدرآباد جو شاهه عبداللطيف ڀٽائي ايوارڊ، سنڌي ادبي سنگت جو ’نسيم کرل‘ ايوارڊ، ماهوار ’سوجهرو‘ ڪراچيءَ جو بھترين ناول نگار ايوارڊ، صدارتي ايوارڊ (2005ع) ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ شامل آهن.

مظھر ابڙي جي باري ۾ عبدالقادر جوڻيجو لکيو آھي ته ” گھڻو ڪجھه لکڻ ۽ ڇپجڻ کان پوءِ مظھر ابڙو ڪنھن به تعارف جو محتاج ناھي، سنڌي ادب ۾ ھي يار پنھنجي ڀلي جڳھه والاري چڪو آھي،

سنڌي ٻولي جي وڏن ليکڪن  آغا سليم، نورالھديٰ، تاج بلوچ، اسحاق انصاري ۽ ٻين کوڙ اديبن پنھنجا رايا ڏنا آھن، مظھر ھڪ بھادر انسان ھو جنھن حق سچ لاءِ جنگ وڙھي آھي ھو ناانصافي ڪرڻ واري جي خلاف ھوندو ھو ڀلي اھو ناانصافي وارو گھر جو ڀاتي ڇو نه ھجي، مظھري سرڪاري ڪامورن سان حق خاطر جنگ پڻ ڪئي، سکر بورڊ سان ڪرپشن خلاف وڙھيو،  مظھر رمضان جا روزا  رکيا ڪالهه به مظھر کي روزو ھو منجھند 3 وڳي ھن کي دل ۾ تڪليف ٿي جنھن تي ھن دوستن ۽ عزيزن کي ميسيج ڪيا ته منھنجي طبعيت ٺيڪ نه آھي مگر ان جي ميسيج کي دوستن  سنجيده نه ورتو ۽ مظھر کي دل جي تڪليف وڌي وئي ۽ ھڪ اڌ دوست ۽ عزيز جڏھن خيرپور جي NICVD اسپتال ۾ کڻي ويا ته اتي دم ڌڻي حوالي ڪيو،  25 مارچ 2024ع 14 رمضان  تي الله جي درٻار ۾ وڃي حاضر ٿيو.