ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ شهر واسي هوٽل تي ڪم ڪندڙ پيءُ پٽ اغوا، خبر موجب بي سيڪشن ٿاڻي جي حد اختيار نوناري لاڙي وٽان ھٿياربندن پيءُ پٽ عبدالصمد ملڪ ۽ شھباز علي ملڪ کي اغوا ڪيو، ٻڌايو پيو وڃي ته اغوا ٿيل پيءُ پٽ ھوٽل تان مزدوري ڪري واپس گھر اچي رهيا هئا ته هٿياربندن کين اغوا ڪيو، وارثن جو چوڻ آهي ته ٻنهي نوجوانن جي اغوا جو اطلاع بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس کي ڏئي ڇڏيو آهي پر پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا، هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن طرفان اطلاع مليو آهي ته پيءُ پٽ کي اغوا ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، ٻئي پاسي مغوي عيسيٰ ٽانوري کي پوليس اڃا تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، مغوي جي گهر ۾ سندس ڀاتي پاڪ ڪتاب جو ورد ڪري رهيا آهن، مغوي جي امڙ روئيندي چيو ته پٽ بيمار رهندو آهي، سندس علاج پيو هلي، کيس بازياب ڪرايو وڃي.