غوثپور (ن پ ا) غوثپور شھر ۽ ڀرپاسي مان گذريل ڪجھه عرصي کان اغوا ٿيل 10 ڄڻن کي  ڪشمور ضلعي جي پوليس بازياب نه ڪرائي سگھي، مغوين جي گھرن ۾ ڪھرام متل، پوليس ڪو اثرائتو آپريشن ڪرڻ بدران مغوين جي بازيابي لاءِ راڄوڻي ڪوششن ۾ رڌل، وارثن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو، خبر موجب ڪرمپور، غوثپور ۽ ڀرپاسي جي مختلف ڳوٺن مان ڏيڊ مهيني دوران 10 جي لڳ ڀڳ اغوا ٿيل مغوي ڌاڙيلن وٽ ڀنگ وصول ڪرڻ لاءِ باندي بڻيل آهن، مغوين ۾ روھڙي واسي پير بخش شيخ، لاڙڪاڻي واسي انور ڪوري، جمال واسي سردار نندواڻي، غوثپور واسي منظور سولنگي، بگو ميراڻي، الهڏنو لاشاري ۽ سڄڻ ميراڻي، رستم واسي احسان پنھور، ڳوٺ دڙي سندراڻي واسي حاجي خدابخش ٽانوري، مڇي ٻنڍو واسي الله ڏنو ٽانوري، نار مئنر جو رھاڪو نور الدين بھلڪاڻي شامل آھن، بدامني سبب پورو علائقو خوف ۾ ورتل آھي، جڏهن ته پوليس جي ناقص ڪارڪردگي سبب عوام گهرن تائين محدود ٿي ويو آهي، هوڏانهن غوثپور ۾ چئن مغوين جي وارثن ۽ ٻين پاران غلام ياسين، عبدالفتاح بهلڪاڻي، مير حسن ٽانوري، منظور ڪاسائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بس اڏي ڀرسان انڊس هاءِ وي تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو ھنيو ويو، جنهن ڪري روڊ بند ٿي ويو، احتجاج ڪندڙن چيو ته ضلعي ۾ ڏوھارين جو راڄ قائم آھي، ھڪ ڏينھن ۾ 10 – 10 ماڻهو اغوا ٿي رهيا آهن پر پوليس ڪا به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي، بعد ۾ ڊي ايس پي ھيڊ ڪوارٽر ڌرڻي واري ھنڌ پھچي اڳواڻن سان ڳالھيون ڪري ٽن ڏينھن ۾ مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد احتجاج ختم ڪيو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته گذريل ٽن مھينن دوران 70 کان وڌيڪ ماڻهو اغوا ٿي چڪا آھن، جن مان ڪجهه راڄوڻي ذريعي ۽ ڪجهه ڀنگ ڀري آزاد ٿيا آهن.