راولپنڊي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان پهرين ون ڊي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. راولپنڊي ۾ کيڏيل ميچ ۾پاڪستان ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. نيوزيلينڊ پهرين بيٽنگ ڪندي 7 وڪيٽن تي 288 رنسون ٺاهيون. نيوزلينيڊ پاران ڊيرل مچل شاندار سينچري اسڪور ڪئي، هن 113 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ول ينگ 86 رنسن سان نمايان رهيو. پاڪستان جي بالرن شاهين آفريدي، نسيم شاهه ۽ حارث رئوف 2_2 وڪيٽون ورتيون، شاداب خان هڪ شڪار ڪيو. جواب ۾ پاڪستان فخر زمان جي شاندار سينچري جي ڪري 5 وڪيٽن تي گھربل ٽارگيٽ ماڻي ورتو. فخر زمان 117 رنسون اسڪور ڪيو، امام الحق 60، ڪپتان بابر اعظم 49 ۽ محمد رضوان 42 رنسون ٺاهيون. فخر زمان کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.