جيڪب آباد: جاگير جي علائقي ۾ ناقص پلاننگ سبب واقعو پيش اچڻ تي ايس ايس پي مولاداد ٿاڻي جي ايس ايچ او اڪبر ملڪ کي معطل ڪري سندس جاءِ تي قادر چانڊيو کي نئون ايس ايچ او مقرر ڪيو آهي، ذريعن موجب ته مقرر ٿيل ايس ايچ او قادر چانڊيو مولاداد ٿاڻي تي سياسي مداخلت سبب اچڻ کان معذرت ڪئي جنهن بعد ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ کيس بااختيار هئڻ جي خاطري ڪرائي جنهن بعد هن چارج ورتي.