ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عمران علي کوسو) ڪنڌڪوٽ عيد ڏهاڙي 6 ڄڻا اغوا، ضلعي اندر اغوا ٿي ويل مغوين جو انگ وڌي 12 ٿي ويو، مغوين جي وارثن ۽ سياسي پارٽين جي اڳواڻن جا ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا، عيد خوشيون ماتم ۾ تبديل، رپورٽ موجب اوڳاهي لاڙي کان ڪنڌڪوٽ شهر طرف ايندڙ 6 موٽرسائيڪلن تي سوار 16 ڄڻن کي ڌاڙيلن پاران اڳ وٺي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جن مان 10 ڄڻن ڀڄي جان بچائي، جڏهن  ۽ 6 ڄڻن کي ڌاڙيل اغوا ڪري ويا، مغوين ۾ ڪنڌڪوٽ واسي محمد عيسيٰ ٽانوري،آصف شيخ، مهراب ملڪ، اسماعيل ڀنگوار، ماجد ۽ بيگ شيخ شامل آهن، اغوا ٿيل سڀئي مغوي پاڻ ۾ دوست ٻڌايا پيا وڃن، اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته همراهن کي ڏوهارين ان وقت اغوا ڪيو جنهن وقت 2 موٽرسائيڪلن جو پئٽرول ختم ٿيڻ سبب اهي بيهجي ويون، اهڙو اطلاع بچي ويل نوجوانن ارشاد ميراڻي ۽ جاويد شيخ مغوين جي وارثن کي ڏنو، جنهن بعد مغوين جي وارثن رات جي وقت احتجاج ڪندي بي سيڪشن ٿاڻي جو گهيراءُ ڪيو، مغوين جي وارثن لياقت بنگوار ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڌاڙيل سرعام روڊن تي گهمي رهيا آهن پر پوليس انهن خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري، جتان نوجوان اغوا ٿيا آهن اتي پوليس چوڪي به موجود آهي پر پوليس ڪجهه نه ڪيو، هنن مغوين کي جلد بازياب ڪرائڻ جي گهر ڪئي، ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ شبير احمد سيٺار جو چوڻ آهي ته ضلعي ۾ گهڻو گند ٿيل آهي، ان گند کي صاف ڪرڻڻ ۾ وقت لڳندو، هن چيو ته منهنجي پوسٽنگ ٿيڻ بعد 2 ڏينهن دوران 5 مغوين کي بازياب ڪرايو ويو آهي، ايس ايس پي چيو ته پوليس جي پئٽرولنگ وڌائي وئي آهي، درجن کان وڌيڪ ڏوهاري گروهه ڏوهي سرگرميون ڪن ٿا جن خلاف واري واري سان ڪارروايون ڪيون پيا، هن چيو ته ڪچي جي ڌاڙيلن جو خاتمو آڻي سمورن مغوين کي بازياب ڪرايو ويندو.