گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ مختلف روڊ حادثن سبب عورتن ۽ ٻارڙن سميت 75 ڄڻا زخمي، علاج بعد گهر موڪليو ويو. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي گمبٽ پوليس ٻڌايو ته گمس اسپتال ۾ عيد جي ٽن ڏينهن دوران مختلف روڊ حادثن دوران هاشم اڄڻ، نذير ناريجو، اويس جوکيو، معشوق علي، علي رضا، ارشد علي، محمد نواز، وڪيل علي، عقيل احمد، محمد پنجل، رضا محمد، سفير علي، خادم حسين، امجد علي، مسمات راضل، مسمات سسئي، ڪونج، مومل، مسمات مارئي، بيبي غلام فاطمه، بيبي رضيه، معصوم علي سميت 75 ڄڻا زخمي ٿيا جن کي فرسٽ ايڊ لاءِ گمس اسپتال آندو ويو، جتي زخمين کي علاج ڏيڻ بعد گهر موڪليو ويو. داخل مريضن کي گمس اسپتال ۾ علاج ڏنو پيو وڃي.