ٽنڊوباگو (ن پ ا) عيد جي ڏينهن تي تيز رفتار موٽر سائيڪلن جي آمهون سامهون ٽڪر ۾ ٻه ڄڻا فوت ٻه ڄڻا زخمي  خبر موجب عيد جي ڏينهن ٽنڊوباگو بدين روڊ تي بس اسٽاپ ٻاڦي ڀرسان ٻن موٽر سائيڪلن جي آمهون سامهون ٽڪر ۾ ڳوٺ پهاڙ مري جو رهواسي اي سي ڪوچ جو ڊرائيور غلام رسول عرف ڪارو شيدي ۽ واڻهايون شهر جو نوجوان جنيد قمبراڻي فوت ٿي ويا. جڏهن ته مظهر قمبراڻي سميت ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا ٽنڊوباگو پوليس فوتي ۽ زخمين کي تعلقه اسپتال ٽنڊوباگو پهچايو، جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا. فوتين جا لاش گھر پھچڻ تي گھرن ۾ ڪھرام مچي ويو.