فريدآباد(ن پ ا) عيد جي ٽن ڏھاڙن دوران نامعلوم ھٿياربند فريدآباد شاهه گودڙيو روڊ سان 3 موٽرسائيڪلن سميت 8 کان وڌيڪ شاھ گودڙيو جي زائرين کي يرغمال بڻائي لکين روپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا.  فريدآباد ۽ ڀرپاسي ۾ فريدآباد، شاھ گودڙيو روڊ سان عيد جي ٽن ڏھاڙن دوران نامعلوم ھٿياربند جاگير واسي عاشق کوسو ڳوٺ ڳاڙهي واسي عرفان ٻٻر ۽ چاڪر خان سھول واسي دلبر سولنگي کان 3 موٽرسائيڪلون ڦر ڪرڻ سميت شاھ گودڙيو ٿاڻي جي حد قاسم لڪ ويجهو شاھ گودڙيو جي زيارت لاءِ ويندڙ شھدادڪوٽ واسي عبدالغفور سومرو، علي سومرو، صفدر سومروعديل،نادر سومرو سميت 8 کان وڌيڪ نوجوانن کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي لکين روپيا روڪ رقم 8 کان وڌيڪ ٽچ موبائلون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا.