شھدادپور (ن پ ا) سنڌ مان جبري طور کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي آزادي لاءِ جسقم اڳواڻن ۽ ڪارڪنن لطيف چوڪ کان آزاد عمراڻي، سجاد سنڌي، نويد ڪاڪيپوٽو، نصيب ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب  آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، اڳواڻن موجب ته سنڌ سان محبت ڪندڙ نوجوانن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي کنڀيل آزاد ڪيا وڃن.