سنجهورو (ن پ ا) سنجهوري ويجهو چڪ 29 جمڙائو ۾چلهه جي چڻنگ مان 2 گهرن کي باھ لڳي وئي، نتيجي ۾ پورهيت گل حسن  سولنگي ۽ محمد اڪرم سولنگي  جا گهر سڙي رک ٿي ويا، جڏهن ته گهرن ۾ پيل بسترا ، ڪپڙا ، ڪڻڪ  سميت 3 ٻڪريون سڙي مري ويون.