ٽنڊوباگو (ن پ ا) ٽنڊوباگو لڳ شاهه طريل جي درگاھ تان زيارت ڪري واپس ايندڙ ٽنڊوباگو جي خواجه برادري جي گاڏي ڪلٽي ٿيڻ ڪري رٽائرڊ ماسترياڻي فوت هڪ مرد ۽ 6عورتون زخمي، خبر موجب عيد جي ٻئي ڏينهن تي ٽنڊوباگو شاهه طريل روڊ تي شاهه طريل جي درگاھ تان زيارت ڪري واپس ايندي خواجه ذات جي ماڻهن جي ڪيري ڪلٽي ٿيڻ ڪري ٽنڊوباگو شھر جي وارڊ نمبر 7 جي رٽائرڊ پرائمري ٽيچر آپا الماس خواجه فوت ٿي وئي. جڏهن ته ڪيري ۾ ويٺل 6 عورتون افروز، سرهاڻ، فرحين، انوشا، عاليا، عروشا ۽ ڪريم زخمي ٿي پيا جن کي تعلقه اسپتال ٽنڊوباگو مان انڊس اسپتال بدين ريفر ڪيو ويو آهي.