اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪنڌ ڪوٽ مان ٻن سالن جي ٻارڙي جي اغوا خلاف قومي اسيمبلي ۾ احتجاج، ڌاڙيلن خلاف هلندڙ آپريشن ۾ رينجرز کي به شامل ڪرڻ جو مطالبو، جڏهن ته ايندڙ بجيٽ ۾ زراعت کي اهميت ڏيڻ جي به گهر ڪئي وئي آهي، پيپلزپارٽي جي شميم آرا پنهور 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث پارٽي مٿان پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت  ۾ ٿيو، ن ليگ جي کيئل داس ڪوهستاني چيو ته اپر سنڌ خاص طور تي سنڌ جي ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ امن امان جون حالتون انتهائي خراب آهن، ڌاڙيلن شهرين جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي، ڪنڌڪوٽ مان ٻن سالن جي نينگر ثمرت ڪُمارکي اغوا ڪري ڪچي ۾ نيو ويو آهي، سنڌ ۾ ڌاڙيلن خلاف پوليس آپريشن ڪري رهي آهي، آپريشن ۾ رينجرز کي به شامل ڪيو وڃي، پيپلز پارٽي جي شميم آرا پنهور چيو ته 9 مئي جهڙا واقعا ڪندر پارٽي تي پابندي لڳڻ گهرجي، ن ليگ جي رائو اجمل مطالبو ڪيو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ پيش ٿيڻ واري آهي ان ۾ زراعت کي اهميت ڏني وڃي، پي ٽي آءِ جي نواب شير وسير چيو ته هارين کي ڪمند جا پيسا ڏياريا وڃن، ٻئي طرف قومي اسيمبلي جي اجلاس نيشنل اسڪل يونيورسٽي جي قيام جو بل 2023، اين ايف سي انسٽيٽيوٽ آف انجيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ملتان ايڪٽ ۾ ترميم جو بل 2023ع به حتمي منظوري لاءِ گڏيل پارليامينٽ موڪلڻ جي رٿ به منظور ڪري ورتي،