تاريخي علائقي کارو ڇاڻ جو ماضي ۽ حال

0
182

محمد اسماعيل ڪاتيار

 سنڌ ڌرتي جو تاريخي خطو کاروڇاڻ جنھن کي تعلقي جو درجو مليل آھي، ھي خطو سنڌو دريا جي ڪناري ضلعي ٺٽي ۾ واقع آھي. کاروڇاڻ ماضي جو ھڪ وڏو شاھوڪار ۽ مقبول علائقو رھيو آھي. سوکي بندر کاروڇاڻ جو مشھور بندرگاھ هوندو ھو، ماضي جي ھن مشھور بندرگاھ تي ٻين ملڪن توڙي پتڻن تان واپاري ٻيڙا اچي لنگر انداز ٿيندا ھئا. ماضي ۾ ھتي مٺي پاڻي جي تمام وڏي سھولت ميسر ھئي، ان ڪري ھي علائقو تمام گھڻو آباد ھو، ھن علائقي ۾ زراعت وڏي پئماني تي ٿيندي ھئي، جنهن ۾ چانور ٻاجھري، جَوَ ۽ ٻيون ڪافي جنسون ٿينديون ھيون. سعودي عرب ايران ۽ ٻين ملڪن جا واپاري پڻ چانور ۽ ڪپڙو ھتان خريد ڪري پنھنجي ملڪ کڻي ويندا ھئا. ھن علائقي ۾ هندو واپاري به رھندا ھئا، جيڪي ھتان جا شاھوڪار ماڻھو ھئا ۽ ھتي جا مشھور واپاري پڻ ھئا،. سوکي بندر کان سمنڊ تمام گھڻو پري ھو. سوکي بندرگاھ دريا جي ڪناري تي آباد ھو. سوکي بندر جي خوشحالي مشھور ھئي. ھتي وڏي پئماني تي انساني آبادي ھئي، مختلف ذاتيون ۽ قبيلا ھتي آباد ھئا، مختلف ذاتين ۽ قبيلن جا ماڻھو ھتي ڪمائڻ ۽ خريدار ڪرڻ پڻ ايندا ھئا، ماضي جو هي تاريخي خطو کاروڇاڻ انگريزن جي دور کان به اڳ ۾ آباد ھو. کاري ڇاڻ جي ڪجھ علائقن تي ان وقت جي هندن جي ڌيئرن جا نالا رکيل ھئا، جن مان اڄ به ديھ آٿرڪي ۽ ديھ پالڪي موجود آھن، جتي وڏي انساني آبادي اڄ به قائم آھي. کاري ڇاڻ جي ماضي جي مشھور ذاتين ۾ کٽي ذات مشھور آھي. ان کان علاوه ميربحر، شيخ، سھتا. ميمڻ، بڊاڻي، ڪاتيار ۽ جت پڻ ھتي جون رهاڪو ذاتيون ھيون.

انگريزن جي دور ۾ کاري ڇاڻ جو عروج هوندو ھو. کاروڇاڻ ان وقت واپار ۽ زراعت جو وڏو مرڪز ھو، ماضي ۾ کاروڇاڻ ۾ پلي ۽ مڇي جو وڏو مقدار موجود ھو. پلو ھتي تمام گھڻو مرندو ھو. پلو جمع ڪرڻ جون مڏيون ۽ اڏا ھوندا هئا، ھڪ پلي جو وزن 2 کان 3 ڪلو جي لڳ ڀڳ ھوندو ھو. ھتي جون عورتون پلو پچائڻ جو وڏو ھنر ڄاڻنديون ھيون، ھتان جا ماڻھو مھمانن کي پلو گفٽ يا تحفي طور پڻ پيش ڪندا ھئا.

ماضي ۾ مٺي پاڻي ھئڻ ڪري ھتي جي دريائن ۽ ننڍن ننڍن ڍورن ۾ مڇي به گهڻي هوندي هئي. تمام وڏي سائيز جي مڇي جنھن ۾ گولي مڇي، ڊانگري مڇي، ڏانٺي مڇي، ڦاڙ مڇي ۽ ڄرڪو مڇي ۽ مڇين جا ٻيا قسم هوندا هئا. ھتي جا ماڻھو وڏا مالدار ۽ چوپايو مال ڌارڻ جا وڏا شوقين ھئا. ھتي مينھون وڏي تعداد ۾ موجود ھيون، ان کان علاوه ڳئون، ٻڪريون ۽ رڍون پڻ پاليندا ھئا. ڪجھ ماڻھن وٽ گھوڙا ۽ اٺ به ھوندا ھئا. گاڏين جي سواري نه ھئڻ ڪري ھتي جا ماڻھو گھوڙن تي سواري ڪندا ھئا ۽ اٺن تي به سواري ڪندا ھئا. کير، لسي ۽ مکڻ پڻ ھتي تمام گھڻو ھوندو ھو ۽ ڳاڙھا چانور به ھتان ملندا ھئا. ھن خطي تي مالڪاري به رھندو ھو ۽ پوليس ٿاڻو به ھو.

کاري ڇاڻ جي خوشحالي آبادي ۽ مھمان نوازي ڏاڍي مشھور ھئي. راتين جو ڪافي دير تائين ڪچھرين جي محفلن ۾ سگھڙن جون محفلون ٿينديون ھيون، جن ۾ ڏور بيت ۽ ڳجهارتن جا مقابلا ٿيندا هئا. ھر ماڻھو خوشحال وقت گذاريندو ھو، ھتي جون عورتون گھرو ڪم ڪار سان گڏوگڏ لابارو به ڪنديون ھيون ته وري جنڊ به پيھنديون ھيون. ان سان گڏوگڏ ھٿ جي ڀرت جون وڏيون ھوشيار ۽ سگھڙ ڪاريگر پڻ ھيون. ان کان علاوه پن وڍي ان مان پن جا پکا ۽ پڙڇ به ٺاھينديون ھيون. ھتي جا ماڻھو موسم جي تبديلي کي تارن ذريعي پرکيندا ھئا. اھي آسماني تارن تي موسم جي اڳڪٿي ڪندا ھئا ۽ نکٽن جي حساب سان موسمي تبديلي بابت ڄاڻ لهندا هئا.

سانوڻ ۾ ھتي برساتون جام ٿينديون ھيون، ھر پاسي “ڀيڄ ڀٽائي” جا نعرا گونجندا ھئا، برسات جي وسڻ سان چوپائي مال سکيو ٿيندو هو. ان سان کير ۽ مکڻ ۾ اضافو ٿيندو ھو. سانوڻ جي برسات جي وقت ھتي  لونڻانڊو گاھ ۽ کنڀي ٿيندي ھئي. سونھن ۽ خوشحالي جي لحاظ کان ھن بندر گاھ ۽ ھن خطي جو وڏو نالو هوندو ھو.

اها ته تاريخي خطي کاروڇاڻ جي ماضي جي ڪھاڻي آھي پر موجوده دور ۾ تعلقي جا گھر دڪان ۽ جايون گھڻي مقدار ۾ ڪاٺ جون ٺھيل آھن، ماضي ۾ پاڪستان جي صدر ايوب خان جي دور کان پوءِ جڏھن بئراج ٺھيا، بئراجن کي در لڳا، پاڻي جي ورھاست غلط طريقي سان ٿي ۽ سنڌو دريا جو پاڻي چوري ڪيو ويو، تڏھن کان ھن خطي تي مصيبتون ڪڙڪي پيون. ھي خطو خوشحالي مان بربادي طرف ڌڪجي ويو. پلي جو نسل آھستي آھستي ختم ٿي ويو، زراعت ختم ٿي ويئي، مڇي ختم ٿي وئي، آبادي گھٽجندي وئي، سمنڊ ويجھو اچڻ لڳو زمينون ڪلر ۽ بنجر بنجڻ لڳيون. ھن وقت ھي خطو تمام بيحال ۽ بدتر پوزيشن ۾ آھي، مسلسل ڏڪارن ۽ پاڻي جي وڏي کوٽ سبب ھي خطو پنھنجي سونھن، خوشحالي آبادي، زراعت ۽ سڀ ڪجھ وڃائي ويٺو آھي. سمنڊ مانگر مڇ جيان ھن وستي جون زمينون ڳڙڪائي اڳتي وڌي رھيو آھي. ڪافي سارا ماڻھو ھتان مختلف پريشانين ۽ زندگي جون سھولتون نه ھئڻ سبب لڏپلاڻ ڪري ويا آھن ۽ باقي بچيل غريب ماڻھو به هاڻ اتي جانورن جهڙي زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. سمنڊ ايتري قدر ويجھو اچي چڪو آھي، جيڪو کاروڇاڻ جي ماضي جا ڪافي سارا آثار به ڳڙڪائي ويو آھي.