ڪراچي(نمائندن وٽان) انٽرميڊيئيٽ جا امتحان جاري، ڪاپيءَ جي ڌم، شاگرد موبائل فون ذريعي پيپر حل ڪندا رهيا، وقت کان اڳ پيپر آئوٽ ٿيڻ جون شڪايتون، 139 اميدوارن تي ڪاپي ڪيس، گرمي سبب هڪ شاگرد فوت. ان سلسلي ۾ سکر تعليمي بورڊ طرفان ڪاپي جي روڪٿام لاءِ جوڙيل ٽيمن خيرپور، سکر ۽ گهوٽڪي ضلعن جي امتحاني سينٽرز تي ڇاپا هڻي يارهين ۽ ٻارهين جماعت جي 56 اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ڪيو. گهوٽڪي ۾ 21، خيرپور ۾  26 ۽ سکر ۾ 09  اميدوارن کي يارهين جي فزڪس ۽ ٻارهين جماعت جي زولاجي وارن پيپرن ۾ ڪاپي ڪيس ڪيو. هوڏانهن  لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ پاران يارهين درجي جي فزڪس جو پيپر ورتو ويو، جنهن دوران ڪاپي جي ڌم متل رهي، امتحان دوران بجلي بند هجڻ سبب اميدوارن سخت مشڪلاتن کي منهن ڏنو، شاگردن امتحان جي وقت بجلي بند نه ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، ڇاپا مار ٽيمن ڊويزن جي پنجن ئي ضلعن لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ سميت دادو ضلعي جي ٻن تعلقن ميهڙ ۽ خيرپورناٿن شاهه جي مختلف امتحاني سينٽرن جو دورو ڪري 83 اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ڪري 67 متبادل اميدوارن کي سوگهو ڪيو. ٻئي طرف خيرپور ويجهو ڊگري ڪاليج ٺيڙهيءَ ۾ يارهين ڪلاس جو پيپر ڏيندي بجليءَ جي لوڊشيڊنگ دوران سخت گرميءَ ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب شاگرد مھتاب علي پٽ قربان علي ميربحر فوت ٿي ويو. نوجوان جو لاش سول اسپتال خيرپور مان ضروري ڪارروائيءَ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته شاگرد مھتاب علي پيپر ڏئي رهيو هو ته اوچتو ڊيسڪ تان ڪِري فوت ٿي ويو. هوڏانهن يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جي هلندڙ پيپرن دوران بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ۽ سخت گرميءَ سبب شاگردن کي پيپر ڏيڻ ۾ سخت مشڪلاتون درپيش آهن، امتحاني سينٽرن ۾ بجليءَ جا جوڳا انتظام نه ڪرڻ ۽ پيئڻ جي ٿڌي پاڻيءَ جي اڻهوند سبب شاگرد ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن. هوڏانهن نوجوان جي فوتگيءَ واريون خبرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد خيرپور جي ساڃاهه وندن، سماجي اڳواڻن ۽ شهرين سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته واقعي جو ڪيس سکر بورڊ، ڪاليج انتظاميا ۽ واپڊا سيپڪو خلاف داخل ٿيڻ گهرجي. ٻئي پاسي گمبٽ ۾ ٻه ڌا ڌار امتحاني سينٽر ٺاهڻ خلاف پرائيويٽ اسڪولز ايسوسيئيشن ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن پاران پريس ڪلب گمبٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.