ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عمران کوسو) ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعو اغوا انڊسٽري بڻيل، اغوا ٿيل 16 مغوي بازياب نه ٿيا، آپريشن به ٻوٽو نه ٻاريو، 8 اهلڪار شهيد ٿي چڪا، مغوين جي گهرن ۾ روڄ راڙو، عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل، خبر موجب ڪنڌڪوٽ ضلعي مان اغوا ٿيل 16 مغوين کي پوليس اڃا تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، ان ڏس ۾ گڏ ڪيل انگن اکرن موجب ضلعي ڪنڌڪوٽ ڪشمور مان اغوا منصور ٻرڙو، عبدالغفور، لال محمد، ارباب سولنگي، سردار نندواڻي، شاهد گولو، نازيا کوسو، سندس معصوم ڌيءُ ڪوثر کوسو، پيربخش شيخ، منصور سولنگي، انور ڪوري، اقبال نائچ، گل محمد ملڪ، جاويد پٺاڻ، جاذب گولو ۽ پير بخش اغوا ٿيل آهن جن کي پوليس بازياب ناهي ڪرائي سگهي، مغوين جي بازيابي عمل ۾ نه اچڻ سبب سندن گهرن ۾ روڄ راڙو متل آهي ۽ وارثن جون عيد خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون آهن، مغوي نازيا کوسو ۽ سندس نياڻي جي وارثن امداد کوسو، توفيق کوسو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اٽڪل 3 مهينا گذري چڪا آهن پر هن وقت تائين ماءُ ڌيءُ کي بازياب ناهي ڪرايو ويو، هنن چيو ته چونڊيل نمائندا اسان کان ووٽ وٺي اسيمبلين ۾ پهچن ٿا جنهن بعد هو لڙي به نٿا اچن، هنن چيو ته نازيا کوسو ۽ نينگري ڪوثر کوسو جي بازيابي لاءِ گذريل ڏينهن 28 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ته پوليس 325 ڄڻن امداد کوسو، نعمت الله کوسو، توفيق کوسو، بشير کوسو، شمس، ڇوٽو جکراڻي، فرمان جکراڻي، سجاد بروهي، والي ڏنو ۽ ٻين خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو، هنن مطالبو ڪيو ته مغوين کي جلد بازياب ڪرايو وڃي ته جيئن هو عيد پنهنجي پيارن سان ڪري سگهن، هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته مغوين جي بازيابي لاءِ ڪوششون جاري آهن، کين جلد بازياب ڪرايو ويندو، واضح رهي ته مغوين جي بازيابي ۽ ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ اڳوڻي ايس ايس پي عرفان سمون ڪچي ۾ آپريشن ڪيو جنهن ۾ ۾ پوليس کي نقصان پهتو،آپريشن ۾ ڏوهارين اي پي سي چينز کي جديد هٿيارن سان ڪاپاري ڌڪ رسايو،آپريشن ۾ هڪ ڊي ايس پي سميت 3 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا، جڏهن ته ايس ايچ او سميت 8 پوليس اهلڪار شهيد ٿي چڪا آهن، هن وقت تائين پوليس پنهنجي شهيد جوانن جو پلاند به نه ڪري سگهي آهي.