ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور مان ھڪ مھينو اڳ سيوهڻ ويندي ميرپور ماٿيلو جي حد ڊرنگ ملڪاڻي پڪٽ 64 وٽان ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿي ويل ڪشمور واسي محمد حسين سولنگي ۽ شبير سولنگي آزاد ٿي گهر پهچي ويا، ٻنهي ڄڻن کي ايم فائيو موٽر وي تان سندن ڪار مٿان فائرنگ ڪري اغوا ڪيو ويو ھو، گھوٽڪي پوليس ٻنهي ڪشمور واسين جي بازيابي لاءِ ڪي به جوڳا اپاءَ نه ورتا هئا، جنهن بعد وارثن طرفان گھوٽڪي ڪشمور جي ڪچي واري ايرياز ۾ پاڪ ڪتاب کڻي گھمايو هو ۽ ڪچي جي ڏوهارين کي مغوين جي بازيابي جي التجا ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ ڌاڙيلن طرفان ٻنهي ڄڻن کي پاڻمرادو ڇڏيو ويو، ٻنهي مغوين جي بازياب ٿي گهر پهچڻ تي وارثن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي.