اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس عمر عطا بنديال آئين جي 50هين سالگرهه جي موقعي تي قومي اسيمبلي اسپيڪر کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عدالتي مصروفيتن سبب حاضر نه ٿي سگهيس. خط ۾ چيف جسٽس چيو ته آئين پارليامينٽ کي رياست ۾ قانون واضح ڪرڻ جو اختيار ڏئي ٿو، آئين پاڪستان تحت اسان جا قانون اسان جي سياسي، سماجي، معاشي حدف پورا ڪرڻ جي حوالي سان اسان جي قسمت جو فيصلو ڪندا آهن، خط ۾ چيو ويو ته پارليامينٽ سٺا قانون جوڙي، اهڙا قانون، جيڪي آئين جي اعليٰ معيار تي پورا لهن ۽ اهي قانون آئين موجب قوم جي ترقي، خوشحالي ۽ امن ۾ رهنمائي به ڪن.