ڪنڊيارو ۾ پهرين عورت اميدوار چونڊن جي ميدان ۾ لٿل

0
261
ڪنڊيارو ۾ پهرين عورت

ڪنڊيارو شھر جي وارڊ نمبر 11 ۾ پھرين عورت اميدوار ڪوثر عزيز گهانگهرو جنرل ڪائونسلر لاءِ فارم جمع ڪرائي ڇڏيو آھي، ڪوثر عزيز پھرين عورت آھي جيڪا ڪنڊيارو ۾ آزاد اميدوار طور اليڪشن ۾ حصو وٺندي

ان موقعي تي هن ميڊيا کي ٻڌايو ته آزاد حيثيت ۾ اليڪشن وڙهي رهي آهيان، انشاءَ الله عوام جي مدد سان ڪاميابي ماڻي عورتن جي بنيادي حقن لاءِ آواز اٿارينديس، هن چيو ته موجودهه اليڪشن ۾ هتان جو عوام وڏيرن ۽ ڀوتارن بدران هڏڏوکي ماڻهن کي ووٽ ڏيندو

ٺارو شاهه ۾ پ پ کي ڌچڪو: ضلعي صدر ۽ عالماڻي ڀائرن سميت 4 اميدوارن جا فارم رد

پ پ اڳواڻ عثمان عالماڻي ۽ سندس ننڍي ڀاءُ ٽائون ڪاميٽي ٺاروشاھ جي اڳوڻي چيئرمين علي خان عالماڻي، پ پ ضلعي صدر فيروز  جمالي ۽ پ پ اڳواڻ رحمت اللھ سولنگي جا فارم آر او ڀريا  ۽ ڊي آر او نوشھرو  فيروز رد ڪري ڇڏيا  آهن

عثمان عالماڻي جو ووٽ ٺاروشاھ  ٽائون ۾ داخل ھجڻ سبب پالاڻي يوسي تي ضلعي ڪائونسل تي ڀرايل فارم رد ٿيو، سندس ننڍي ڀاءُ علي خان عالماڻي جو ووٽ ڪنڊيارو ۾ داخل  ھجڻ سبب سندس ٺاروشاھ ۾ فارم ڀرائڻ سبب رد ڪيو ويو، فيروز جمالي جو به ضلعي ڪائونسل لاءِ جمع ڪرايل فارم رد  ڪيو ويو، عالماڻي ڀائرن جي فارم رد ٿيڻ کان پوءِ پ پ قيادت  ٺاروشاھ ۾ سيٽون ورھائڻ واري معاملي تي مونجھاري جو شڪار ٿي وئي آهي

جڏهن ته پ پ کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ قومپرست، پي ٽي آءِ ۽ آزاد اميدوار ميدان تي لٿل آهي، عالماڻي ڀائرن ٻڌايو اسان جا ووٽر لسٽن ۾ نالا  نادرا جي غلطي سبب تبديل ٿي ويا آھن، جنهن خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي آھي، 24 مئي تي ٻڌڻي رکيل آھي.

لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 2151 مان 1994اميدوارن جا فارم بحال، 157 جا رد، چيئرمين لاءِ 247 اميدوار ميدان ۾ لٿل