قمبر ڀرسان ڪارنھن تڪرار تان سئوٽن ۾ جھيڙو، نوجوان مارجي ويو

0
216
قمبر ڀرسان ڪارنھن

قمبر ( رپورٽر) قمبر جي ڳوٺ  بھار علي چانڊيو ۾ سئوٽن ۾ پراڻي ڪارنھن تڪرار تان جهيڙو گوليون لڳڻ سبب ڪارنھن الزام هيٺ آيل نوجوان آصف علي چانڊيو قتل ٿي ويو

فائرنگ دوران مقتول جو 15 سالن جو ننڍو ڀاءُ آطف چانڊيو زخمي اھڙي واقعي بعد حد جي دوست علي بنگلا ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويل نوجوان جو لاش ۽ زخمي نينگر کي کڻائي سول اسپتال قمبر منتقل ڪيو ويو

ان سلسلي ۾  ٻڌايو پيو وڃي تہ جهيڙيندڙ ڌريون پاڻ ۾ سئوٽ آهن جوابدار مجاهد چانڊيو ڪجهه وقت اڳ ڪارنھن الزام هيٺ پنهنجي زال صنم چانڊيو کي قتل ڪيو هيو جنهن جو الزام آصف چانڊيو مٿان لڳايو ھيو جنھن بعد اڄ جوابدار مجاهد چانڊيو فائر ڪري ڪارنھن الزام هيٺ آيل نوجوان آصف چانڊيو کي قتل ڪري ڇڏيو

 جڏھن تہ گوليون لڳڻ سبب مقتول آصف چانڊيو جو ننڍو ڀاءُ آطف چانڊيو پڻ زخمي ٿي پيو آهي جنهن کي پوليس سول اسپتال قمبر آندو آهي جتي زخمي نينگر جو علاج جاري آهي

ھي به پڙھندا

نصيرآباد: انڊس هاءِ وي تي فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل، نينگر ۽ عورت زخمي