سنڌ جي مختلف شھرن ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ۽ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل استادن جو احتجاج

0
322
سنڌ جي مختلف شھرن ۾

ڪراچي: سنڌ ۾ 2013ع دوران اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪندڙ اُميدوار آفر ليٽر نه ملڻ ۽ 2018ع ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل استاد پڪو نه ٿيڻ خلاف سراپا احتجاج بڻجي ويا

سکر، نواب شاهه، ڏوڪري، مورو، ڪنڌڪوٽ ۽ خيرپور ۾ مظاهرا، لاڙڪاڻو، مٽياري، پنوعاقل، فيض گنج، ميرپور خاص، سوڀو ديرو ۽ ٻين شهرن ۾احتجاج ڪيو ويو

مظاهرين جو چوڻ آهي ته آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اُميدوارن کي ايڊجسٽ ڪرڻ لاءِ روز نيون پاليسيز جوڙيون وڃن ٿيون، ٻئي پاسي اين ٽي ايس پاس اُميدوارن کي اڃا تائين آفر ليٽر ناهن مليا، ڪانٽريڪٽي استادن کي به پڪو نٿو ڪيو وڃي، مظاهرين طرفان مطالبا منظور نه ٿيڻ جي صورت ۾ سي ايم هائوس اڳيان ڌرڻي جو چتاءُ ڏنو ويو