لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 2151 مان 1994اميدوارن جا فارم بحال، 157 جا رد، چيئرمين لاءِ 247 اميدوار ميدان ۾ لٿل

0
166
لاڙڪاڻي ضلعي

لاڙڪاڻو ( رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ ايندڙ مڪاني ادارن جي چونڊن جي لاءِ اليڪشن ڪميشن طرفان اميدوارن جي اسڪروٽني جو عمل مڪمل ڪري فهرست جاري ڪئي وئي آهي

اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل انگ اکرن موجب لاڙڪاڻي ضلعي جي 2151 اميداورن جي نامزدگي فارمن جي اسڪروٽني لاڳاپيل رٽرننگ آفيسرن وٽ ٿي، 1994 اميدوارن جا نامزدگي فارم بحال ۽ 157 فارم مختلف سببن جي ڪري رد ڪيا ويا آهن

اهڙي طرح لاڙڪاڻو ضلع ڪائونسل جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين لاءِ جمع ڪرايل 267 نامزدگي فارمن مان 247 اميدوارن جا فارم بحال ۽ 20 فارمن کي رد ڪيو ويو

ضلعي ڪائونسل جي جنرل ڪائونسلر لاءِ 773 نامزدگي فارمن مان 713 اميدوارن جا فارم بحال ۽ 60 جي فارمن کي رد ڪيو ويو، ميمبر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي 237 نامزدگي فارمن مان 26 اميدوارن جي فارمن کي بحال ۽ 11 جي فارمن کي رد ڪيو ويو. چئن ٽائونن تي مشتمل لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن جي سچل ٽائون ڪاميٽي لاءِ 43 چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جا سمورا نامزدگي فارم بحال ڪيا ويا

جنرل ڪائونسلر لاءِ 92 نامزدگي فارمن مان 88 نامزدگي فارمن کي بحال ۽ 4 کي رد ڪيو ويو، ايمپائر ٽائون ڪاميٽي لاءِ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي 43 نامزدگي فارمن مان 40 کي بحال ۽ 3 فارمن کي رد ڪيو ويو، جنرل ڪائونسلر لاءِ 107 نامزدگي فارمن مان 94 فارمن کي بحال ۽ 13 فارن کي رد ڪيو ويو، ٽائون ڪاميٽي حيدري لاءِ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي 30 نامزدگي فارمن مان 26 فارمن کي بحال ۽ 4 فارمن کي رد ڪيو ويو، جنرل ڪائونسلر جي 97 نامزدگي فارمن مان 90 فارمن کي بحال ۽ 7 فارمن کي رد ڪيو ويو، دڙي ٽائون ڪاميٽي لاءِ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي 33 نامزدگي فارمن مان 32 کي بحال ۽ هڪ فارم کي رد ڪيو ويو

هوڏانهن ميونسپل ڪاميٽي رتوديرو لاءِ جنرل ڪائونسلر جي 85 نامزدگي فارمن مان 80 فارمن کي بحال ۽ 5 فارمن کي رد ڪيو ويو، نئون ديرو ميونسپل ڪاميٽي لاءِ جنرل ڪائونسلر جي 50 فارمن مان 43 فارمن کي بحال ۽ 7 کي رد ڪيو ويو، ٽائون ڪاميٽي ڳيريلو لاءِ جنرل ڪائونسلر جي 22 نامزدگي فارمن مان 20 فارمن کي بحال ۽ 2 فارمن کي رد ڪيو ويو

ٽائون ڪاميٽي آريجا لاءِ 53 نامزدگي فارمن مان 49 کي بحال ۽ 4 کي رد ڪيو ويو، ڏوڪري ٽائون ڪاميٽي لاءِ 52 نامزدگي فارمن مان 47 فارمن کي بحال ۽ 5 فارمن کي رد ڪيو ويو ۽  باڊهه ٽائون ڪاميٽي لاءِ 81 نامزدگي فارمن مان 76 کي بحال ۽ 5 فارمن کي رد ڪيو ويو آهي