ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ۾ قومي شاهراهه تي شاهين پمپ وٽ هڪ تيز رفتار ٽرالر موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو. نتيجي ۾ محرابپور واسڻ نور خاتون راڄپر زخمي ٿي پئي جنهن کي نازڪ حالت ۾ تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان کيس نوابشاهه منتقل ڪيو پئي ويو ته رستي ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي.