حيدرآباد (بيورو رپورٽ) آبپاشي کاتي جي سمال ڊيمز ريجن مان بدلي ٿيل آفيسر گاڏي ڦٻائي ويو، سمال ڊيمز ريجن ۾ مقرر اڳوڻو ٽيڪنيڪل آفيسر سرفراز احمد قريشي سندس استعمال هيٺ گاڏي ڦٻائي ويو آهي جنهن جي واپسي لاءِ کيس خط لکي چتاءُ ڏنو ويو آهي هو ٽن ڏينهن اندر گاڏي واپس ڪري ٻي صورت ۾ سندس خلاف قانوني ڪارروائي ڪرائي ويندي. سمال ڊيمز ريجن جي ڪوهستان ڊويزن ون دادو جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر محمد عالم راهپوٽو ڊائريڪٽر پروجڪيٽ مئنيجمينٽ فلڊ ايمرجنسي ري ڪنسٽريشن پراجيڪٽ حيدرآباد سرفراز احمد قريشي کي خط لکي چيو آهي ته هو جڏهن سمال ڊيمز ريجن ۾ٽيڪنيڪل آفيسر مقرر هو تڏهن هن جي استعمال ۾ سرڪاري گاڏي هئي جيڪا هن واپس نه ڪئي آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته هو 2 مهينا اڳ سمال ڊيمز مان ٻئي شعبي ۾ بدلي ٿي ويو آهي پر هن گاڏي واپس ناهي ڪئي. گاڏي کي ڪو به نقصان پهتو ته هن جو هو ذاتي طور ذميوار هوندو. کيس چيو ويو آهي ته هو ٽن ڏينهن ۾ گاڏي موٽائي ٻي صورت ۾ اعليٰ اختيارين کي سندس خلاف قانوني ڪارروائي لاءِ لکيو ويندو.