ڪوٽڙي (رپورٽر) لطيف جي عاشق ۽ لطيف جي شاعري جي پارکوء استاد فيضو کماڻ جي ساھ جي تند ٽٽي پئي، انتهائي ڪسمپرسي جي حالت ۾ سن ڀرسان پنهنجي ڪکائين گهر اندر بيماري جي بستري تي گذريل ڏينهن فوت ٿي ويو، استاد فيضو کماڻ لطيف جو وڏو پارکو ۽ ياد حافظ هيو، فيضو کماڻ جهر جهنگ ۾ لطيف جي شاعري ڳائي سڄي سنڌ اندر وڏي شهرت ماڻي. استاد فيضو کماڻ وٽ لطيف جا سمورا رسالا ۽ ناياب نسخا پڻ رکيل هيا. ڪجھه مهينا اڳ ٽائيم نيوز تي استاد فيضو کماڻ بابت ڊاڪيومنيٽري نشر ٿي جنهن بعد کيس ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ وڏي مڃتا ملي ۽ ڪجھه سماجي تنظيمن ۽ مخير ماڻهن سندس ڪجھه مالي سهائتا به ڪئي هئي. ڪجھه ڏينهن اڳ کيس ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ به آندو ويو هيو پر غربت سبب کيس واپس پنهنجي گهر آندو ويو جتي سندس طبعيت وڌيڪ خراب ٿي وئي. شگر ۽ معدي جي تڪليف ۾ ورتل استاد فيضو کماڻ جي گردن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هيو، جنهن ڪري گذريل ڏينهن صبح ساڻ پنهنجي ڪکائين گھر ۾ فوت ٿي ويو. استاد فيضوکماڻ جي جنازي نماز سن ڀرسان ڳوٺ کماڻ ۾ ادا ڪئي وئي، استاد فيضو کماڻ جي مرتئي تي سندس مالي سهائتا ڪندڙ سانا اڳواڻ غلام قادر ملاح سميت ڪيترن ئي علمي ادبي شخصيتن رابطو ڪري ڏک جو اظهار ڪرڻ سان گڏ اهو به چيو آهي ته استاد فيضو کماڻ جي جيڪڏهن سرڪاري سطح تي ڪا پرگهور لهي وڃي ها ته شايد سندس تڪليف ۾ ڪا گهٽتائي اچي وڃي ها. هنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته استاد فيضو کماڻ جي انتهائي غريب ۽ مسڪين خاندان جي پرگهور لهي سندن مد دڪئي وڃي.