نيوسعيدآباد (ن پ ا) نيوسعيد آباد ويجھو ٻن تيز رفتار موٽرسائيڪل ۾زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڳوٺ حامد راهوجو واسي نظير احمدسولنگي ۽ لطف علي سولنگي موٽر سائيڪل تي سوار ٿي ڪم سانگي وڃي رهي هئا ته ھالا شھداد پور لنڪ روڊ تي چودڳي ويجهو سامهون ايندڙ موٽر سائيڪل کين زوردار ٽڪر هنيو، نتيجي ۾ ٻنهي موٽر سائيڪلن تي سوار چار ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي تعلقي اسپتال آڻي طبي امداد ڏيڻ بعد نازڪ حالت ۾ لمس حيدرآباد روانو ڪيو ويو، جتي نظير احمد ولد لعل بخش سولنگي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جڏھن ته باقي ٽي ڄڻا لمس حيدرآباد ۾ داخل آھن . مرحوم نظير سولنگي جو مڙهه نيوسعيدآباد لڳ ڳوٺ حامد راهوجو آندو ويو، جتي سڄو علائقو سوڳوار ٿي ويو .