ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ ڌڻي بخش راڄپر ۾ نامعلوم هٿياربند جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل 40 سالن جي برڪت راڄپر جي قتل جو ڪيس حد جي ڪنڊيارو ٿاڻي تي لاشاري برادري جي ٻن سڃاتل فداحسين ۽ ھدايت الله لاشاري سميت 3 نامعلوم ۽ ڏاهري برادري جي 2 سڃاتلن رضا محمد ڏاهري ۽ 3 نامعلومن خلاف داخل ڪيو ويو آھي. مقتول برڪت علي راڄپر جي پڦاٽ عاشق علي راڄپر جي فرياد تي داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي ته ڄاڻايل جوابدارن گهرن جي ڀرسان پاڻ ۾ جهيڙو ڪري گارگند ڪئي منع ڪرڻ تي جوابدارن منهنجي پڦاٽ تي سڌي فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري فرارٿي ويا. هوڏانهن پوليس ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آڻي سگهي.