پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ڀرسان گھٽي جي لنگهه تان ميراڻيءَ برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، لٺيون لڳڻ ڪري ھڪ عورت سميت ڇهه ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي طبي امداد لاءِ تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو. زخمين ۾ ھدايت الله ، راحب ۽ ٻي ڌر جا بلاول علي رضا رفيق ۽ ھڪ عورت مائي پناھ خاتون پڻ شامل آھي ، پوليس موجب ٻنھي ڌرين ۾ جھيڙو گھٽي جي لنگھ تان ٿيو آھي ليٽر ڏئي اسپتال اماڻي ڇڏيو آهي وڌيڪ جاچ ڪريون پيا.