ادريس راجپوت جي آرٽيڪل جو جواب!
محترم ادريس راجپوت، توھان اڄوڪي ڪالم ۾ ھڪ طرف ڊيمن جي ٺھڻ جي حمايت ڪيو ٿا ۽ ٻيو ته جيڪي ڊيمن جي مخالف ڪن ٿا تن لاءِ اوھان الزام ٿا ھڻو ته اھي پاڻ کي چمڪائڻ لاءِ ائين ٿا ڪن، توھان ان تي ڇو نه ٿا لکو ته چشما، جھلم ۽ تونسا پنجند، ڌاڙيل واھ آھن، انھن کي بند ڪرڻ تي ڇو نٿا ڳالهايو، توھان کي اھا ڳالھ ڇو نه ٿي سمجھ ۾ اچي ته اڳ ئي سنڌ جو پاڻي چوري ڪري پنجاب جون سڪل زمينو آباد ڪن ٿا، پوءِ جيڪڏھن اڃا ھي ڊيم ٺھي ته پوءِ وڌيڪ پاڻي چوري ڪري سنڌ جي زمينن کي غيرآباد ڪرڻ جي سازش ڪري رھيا آھن، جيڪا سنڌي قوم ڪڏھن به برداشت نه ڪندي.
اسلم ھزار چانڊيو/شهدادڪوٽ
سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙن جو اصل ڪارڻ!
سنڌ جي تاريخ ۾ قبيلائي جهيڙن سنڌ کي جيترو جاني نقصان پهچايو آهي شايد اهڙو ڪنهن حملا آور به سنڌ کي نه پهچايو هجي، اُتر سنڌ ۾ وڌندڙ رتوڇاڻ جو ڪارڻ سنڌ ۾ تعليم جو نه هجڻ آهي، آئون ان رتوڇاڻ جو ڪارڻ سنڌ حڪومت سان گڏ سيڪيورٽي ادارن کي سمجھان ٿو، ڪچي ۾ ايترا ڳرا هٿيار رکڻ وارن کي پوليس آفيسرن ايترو به ناهي چيو ته توهان اهيو هٿيار ڪٿا آندا؟ سنڌ جا وڏيرا به ان ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن، جيڪي پنهنجي مرضيءَ تي ماڻهو مارائي ته سگهن ٿا پر هي ايتري رتوڇاڻ بند نٿا ڪرائي سگهن. ڇا اهڙن واقعن جا اهي زميوار ناهن جن کي اسان پنهنجي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ پنهنجي حصي جي 70 سيڪڙو بجيٽ ڏيون ٿا ته اهي اسان جي حفاظت ڪن ۽ اسان جا نسل سٺي نموني پنهنجي زندگي گذاري سگهن. ڪٿي آهن اهي ڪورٽون جن ۾ بيگناهي ثابت ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي؟ هي ملڪ ايترو وڏو ته ناهي جو حفاظت ڪندڙ ادارا پهچي به نٿا سگهن، هن ملڪ جا ڪي به يوسي ۽ تعلقا ڪنهن اداري کان ڳجها ناهن، پوءِ ايترا ڳرا هٿيار ڪٿا ٿا اچن جنهن سان سنڌ جي نسلن کي تباهه ۽ برباد ڪيو ٿو وڃي؟ ڪنڌڪوٽ وارو واقعو پيش آيو جنهن ۾ 10 ڄڻن کي موت جي ننڍ سمهاريو ويو پر ڪنهن جي ڪن تي به ڪا جونءِ نه سُري، ايترو ته منهنجي مارن جو خون سستو آهي جو رت وهائيندڙ هڪ جوابدار به گرفتار نٿو ٿئي ته پوءِ ان رياست کي ناڪام سمجهون يا هٿ سان سنڌ اندر قبيلائي جهيڙا ۽ رتوڇاڻ ڪرائي قوم کي قوم جو دشمن بڻائي وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ جي راهه هموار سمجھون؟ جن کي اسان پنهنجو محافظ سمجهون ٿا؟
بشير احمد نوحاڻي/ نئينگ نغاول
ڪنڌڪوٽ ۾ ٿيل قبيلائي دھشتگردي جا قاتل پڪڙ کان آجا ڇو؟
عيد جي ٽئين ڏينھن تي ڪنڌڪوٽ جي ڪچي جي ڳوٺ مينگل چاچڙ ۾ چورن جا پيرا کڻي ويندڙ چاچڙ برادري جي ھڪ ئي خاندان جي 9 ماڻھن کي اڳواٽ تاڙ ۾ ويٺل سبزوئي برادري جي ھٿياربندن ماري ڇڏيو، پنج ڏينھن گذرڻ باوجود مقتولن جا قاتل گرفتار نه ٿي سگھيا آھن، مقتولن کي دراني مھر ٿاڻي جو ويجھو بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو جي پوليس ٿوري ھمت ڪري ھا ته 9 انساني جانيون ضايع نه ٿين ها، وارثن موجب پوليس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪجھه ناهي ڪيو، تڏي تي کڻي علائقي جا سردار آيا پر انھن عملي طور صدين کان ھلندڙ برادرين ۾ ھلندڙ خوني جھيڙن جي خاتمي لاءِ ڪو هاڪاري ڪردار ادا ناهي ڪيو، نتيجي طور جھيڙا وڌي وڻ ٿي ويا آهن. ماڻھن کي قبلين ۾ ويڙھائي مٿن حڪمراني ڪندڙ سردار، نواب، مير، مقدم سڀ اسيمبلين جو حصو آھن، تنھنڪري سياسي مداخلت ۽ اثر سبب جھيڙا ڪرائيندڙ سردارن خلاف قانون ۽ حڪومت حرڪت ۾ نٿا اچن، جيستائين سردار، ڀوتار، رئيس، مير، پير مجيري ۽ چگا مڙس گرفتار نه ٿيندا تيستائين سنڌ مان قومي جھيڙن جو خاتمو ممڪن ناھي. قومي جھيڙن جي خاتمي لاءِ سياسي پارٽين پاران سردارن، ميرن ۽ رئيسن مٿان جھيڙا ختم ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو وڃي ٻي صورت ۾ کين پارٽين مان نيڪالي ڏني وڃي. سنڌ جي ڪچي ۾ آرمي وسيلي آپريشن ڪرايو وڃي، سڀ کان پھرين ملڪ جي اعليٰ ادارن کي سياسي پارٽين ۾ شامل سردارن، ڀوتارن، وڏيرن، ميرن، مجيرين ۽ مقدمن خلاف آپريشن ڪرڻ گھرجي، مٿن جھيڙا ختم ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو وڃي ٻي صورت ۾ مٿن دھشتگردي ۽ ماڻھن مارائڻ، رياست ۾ رياست قائم ڪرڻ جھڙا سنگين ڪيس داخل ڪري کين جيل ڀيڙو ڪيو وڃي ته قومي جھيڙا بنا دير جي ختم ٿي ويندا.
اسماعيل بھلڪاڻي/ تنگواڻي
اسرائيلي ظلمن خلاف ڪلوئيءَ ۾ احتجاج!
ڪلوئي تعلقي جي مختلف سماجي ۽ مذهبي جماعتن جي اڳواڻن احتجاجي مظاهرو ڪري مين مٺي ڪراچي ٿر ڪول روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏنيون، ان موقعي تي هنن چيو ته ڪيترن ئي ڏينهن کان فلسطين تي اسرائيلي ظلم ۽ بربريت ڪري مسلمانن کي شهيد ڪري رهيو آهي، انهن جو رت ريلا ڪري وهي رهيو آهي، هن وقت تائين سوين جي انگ ۾ مسلمان فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن، اسان وزيراعظم عمران خان کان مطالبو ٿا ڪيون ته گڏيل قومن ۾ بيگناهه فلسطيني مسلمانن تي اسرائيل جي ظلم خلاف آواز اٿاري ۽ گڏوگڏ گڏيل قومن کي گهرجي ته فلسطيني مسلمانن تي اسرائيل جي ظلم خلاف نوٽيس وٺي ۽ بيگناھ مسلمانن جو قتلام بند ڪيو وڃي.
صوفي محمد حسن نهڙيو/ ٿرپارڪر‎
ڪورونا وبا لاءِ آيل ويڪسين مان پورو فائدو حاصل ڪيو!
سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وبا کان بچاءَ لاءِ سرڪار طرفان ويڪسين هر هنڌ ڪرائي پئي وڃي ۽ اها فائديمند پڻ آهي، سنڌ ۾ هر ضلعي جي سول اسپتالن ۽ تعلقي اسپتالن ۾ ويڪسينيشن سينٽرن تي وڃي ماڻهو ويڪسين ڪرائي رهيا آهن. شناختي ڪارڊ نمبر پنهنجي موبائل نمبر تان 1166 تي سينٽ ڪرڻ کان پوءِ ويڪسين ڪرائڻ لاءِ ويڪسينيشن سينٽر تي اچڻ لاءِ اطلاع جو ڪوڊ سان گڏ ميسيج اچي ويندو. جنهن کان پوءِ ماڻهو سولائيءَ سان تعلقي اسپتالن ۾ وڃي ڪورونا کان بچاءَ لاءِ ويڪسين ڪرائي سگهي ٿو. جنهن ويڪسين لڳرائڻ کان پوءِ ماڻهو کي وڏي دلجاءِ ٿي وڃي ٿي. ڇاڪاڻ جو ملڪ ۾ ڪورونا وبا جي اچڻ کان پوءِ ڪيترا ئي ماڻهو وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ کان پوءِ جان وڃائي ويٺا آهن. پهريان صرف لاڪ ڊائون ڪرڻ، سينيٽائزر، ماسڪ ۽ احتياطي تدابير تي عمل ڪرڻ لازمي هو پر هاڻي اها وڏي خوش قسمتيءَ جي ڳالهه آهي ته ڪورونا کان بچاءَ لاءِ ويڪسين تيار ٿي ملڪ اندر اچي چڪي آهي، جنهن مان فائدو حاصل ڪري ماڻهو پنهنجي صحت جي ضمامت کي يقيني بڻائيندا ۽ اها ويڪسين ڪورونا کان بچاءُ لاءِ صحت جي ضمانت سمجهي وڃي ٿي. في الحال 40 سالن کان وڌيڪ عمر وارن ماڻهن، عورتن توڙي مردن کي ويڪسين ڪئي وڃي پئي ۽ 30 سالن کان گهٽ عمر وارن ماڻهن جي لاءِ به سرڪار طرفان ويڪسينيشن جو سلسلو جلد شروع ٿيڻ وارو آهي، هن خط ذريعي انهن ماڻهن کي گذارش ڪجي پئي ته جيترو ٿي سگهي ويڪسين ڪرائڻ لاءِ في الحال قاعدي تي پورو لهندڙ ماڻهن کي ويڪسين ڪرائي پنهنجي صحت جو ضامن بڻجندا.
محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل
ڳوٺ سيد آگيڏنو شاهه جي به سار لھو!
هن وقت سڄي سنڌ ۾ خطرناڪ برساتن جو سلسلو شروع ٿيڻ وارو آهي پر افسوس جو ڳوٺ سيد آگيڏنو شاهه جي سار سنڀال لهڻ وارو ڪير به ناهي، هي ڳوٺ يوسي مرادپور تعلقي ۽ ضلعي سجاول ۾ هجڻ ڪري نڌڻڪو بڻيل آهي، هتي  سم نالي جي کاٽي به نٿي کڻائي وڃي، سم نالي آر-6 جي کاٽي نه کڃڻ ڪري ڳوٺ سيد آگيڏنو شاهه سميت سوين ڳوٺ ٻڏي تباهه ٿي ٿا وڃن، ان کان سواءِ هن ڳوٺ ۾ ڪنهن به برسات متاثر جي سارسنڀال نٿي لڌي وڃي. هن وقت هڪ طرف پاڻي نه هجڻ ڪري ماڻهو ڏڪار جو شڪار آهن ته ٻئي طرف برساتي پاڻي جو سم نالي آر-6 تي دٻاءُ وڌي وڃڻ ڪري ماڻهو برساتي ٻوڏ جي ڊپ ۾ آهن، هتي جا سياسي نمائندا توڙي بالا آفيسر ڪڏهن به هن ڳوٺ کي وزٽ ڪرڻ لاءِ ناهن آيا، نه ئي هيترن بيانن کان پوءِ به هن ڳوٺ کي ڪي بنيادي سهولتون مليون آهن، سنڌ سرڪار توڙي ضلعي انتظاميا خبر ناهي اسان کان ڪهڙي دشمني جو بدلو وٺي رهيا آهن؟ اڄ تائين ڪنهن به ايم اين اي، ايم پي اي يا ضلعي جي ڪنهن به آفيسر اسان جو ڪو به مسئلو حل ناهي ڪيو، هتي جي سياسي نمائندن توڙي بالا آفيسرن کي بار بار لکت توڙي روبرو به چيو آهي پر اڃا تائين اسان جي نڌڻڪي ڳوٺ جو حال ساڳيو آهي. اسان سنڌ سرڪار توڙي وفاق کان فقط ٻه سوال ٿا ڪريون ته جي اسان جي ڳوٺ ۾ زندگي جي ڪا به سهولت ڏئي نٿا سگهو ته پوءِ اسان کان ٽئڪس ڇو ٿو ورتو وڃي؟ ٻيو ته هتي جي سڀني بالا آفيسرن کي جي صرف سياسي نمائندن ۽ ڀوتارن جي ونگارون وهڻيون آهن ته پوءِ انهن کي سرڪاري خزانو جيڪو عوام جو پسئو آهي ان مان پگهار ڇو ٿي ڏني وڃي؟ اهڙن آفيسرن کي وڏيرن ۽ ڀوتارن جي اوطاقن تان پگهار ڏياريو، عوام کان ورتل ٽئڪس جو پئسو ايئن زيان نه ڪريو.
سيد علي رضا شاهه/ ٻيلو، سجاول 
انسانذات جا درد به اجتماعي ته درمان به اجتماعي!
دنيا جي ڪنھن به ڪنڊ ۾ جڏهن ڪا به ايجاد ٿئي ٿي يا ڪا موتمار وبا جنم وٺي ٿي ته انهي جا اثر سڄي دنيا تي پون ٿا، جڏهن موبائل فون جي ايجاد ٿي ته ان جو فائدو سڄي دنيا کي ٿيو، موجوده صورتحال جو ئي جائزو وٺون ته قاتل ڪورونا وبا جنهن جو جنم ته چين ۾ ٿيو پر ھن وقت ڪورونا وبا سڄي دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، انهن ايجادن ۽ وبائن کي وري نه سرحدن جي پرواھ، نه مذھبن جو مونجهارو، نه ئي وري رنگ، نسل ۽ ذات پات جي ڪا ارڏائي هوندي آهي. اڄ آمريڪا ۾ ويٺل ماڻھو به موبائل فون استعمال پيو ڪري ته چمبڙ ۾ ويٺل ماڻهو به موبائل فون جي ايجاد جو فائدو پيو وٺي، يعني انسانذات جا ڏک، سک، نقصان ۽ فائدا ڪنهن حد تائين اجتمائي آهن. ڇا ڀلا ايئن ٿيو آهي ته ڪورونا جي ويڪسين صرف ڪنهن ھڪ مخصوص طبقي، قوم يا ملڪ جي ماڻھن لاءِ ٺھي ھجي؟ ھرگز نه، ويڪسين جي ايجاد ڪنهن به ڪئي پر اھا ويڪسين اڄ دنيا جي ھر انسان جي درد جو درمان پئي بڻجي، ائين جڏهن دنيا ۾ ڪٿي ڪو ھٿيار ٺھي ٿو ته ان بيرحم بارود جو کاڄ وري به ڪو انسان ئي بڻجندو آهي! دنيا ۾ جيڪا بجيٽ ھٿيارن جي خريد و وڪري لاءِ رکي ٿي وڃي اھا انسانن جي قتلام بجاءِ انهن جي کاڌ خوراڪ، تعليم ۽ صحت تي خرچ ٿيڻ کپي ته جيئن انسانذات امن ۽ سلامتي سان زندگي گذاري سگهي. بقول شيخ اياز جي: “جنهن وقت به ڪنهن جو طوق ٽٽو، مون ايئن سمجھو ڄڻ منهنجي گردن ھلڪي ٿي.”
آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ  
اسلم کوسو کي آخر ڪير بازياب ڪرائيندو؟
ڳوٺ بدلو کوسو جي رهواسي اسلم کوسو 27 رمضان المبارڪ جي رات گهر اچي رهيو هو ته ڪجھ ماڻھو کيس اغوا ڪري ويا، جڏھن ته اسلم کوسو جو ڌاڙيلن سان رابطو ٿيو ته ڌاڙيلن چيو ته 30 ۾ لک موڪليو پوءِ تنهنجي پٽ کي چڏينداسين، وري ڪجھ ڏينهن کان پوءِ ڪال ڪري چيائون ته 20 لک موڪلي ٿو ته ٺيڪ آھي نه ته پٽ جو لاش ملندي، جڏھن ته ڳالھ ڪجي ته اسلم کوسي جي والد وٽ ھن وقت 20 رپيا ناھن، جيڪو ڪرايو ڪري ڪنهن آفيس وڃي پٽ جي اغوا جي شڪايت ڪري اهو 20 لک ڪٿان آڻيندو؟ جڏھن ته پوليس انتظاميا دلاسن جي مٿان دلاسن ڏئي موٽايو ٿو وڃي، مغوي جي والد جو چوڻ آھي ته ايس ايس پي جيڪب آباد يقين ڏياريو آهي ته جلد اسلم کوسو کي بازياب ڪراينداسين پر هن وقت تائين بازياب نه ٿي سگهيو آهي، مغوي جي گهر ۾ پوڙھي جيجل امڙ ڏينهن ۽ رات قرآن پاڪ کڻي ويٺي آھي اسلم جي واپسي لاءِ پر اسلم کوسو جي والد جي چڻ هو ته 12 ڏينهن گذري ويا آھن پر هن مهل تائين چونڊيل نمائندن اسان وٽ همدردي لاءِ لڙي ناهن آيا، مغوي جي والد اعليٰ ادارن کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي.
محمد صديق کوسو/ڳڙھي حسن
ڦل واسين لاءِ آزار بڻيل ملڪي ڪمپنيءَ جو ٽاور!
ڦل شھر ۾ مختلف موبائيل ڪمپنين جا ٽاور لڳل آھن، پر ملڪ جي پراڻي موبائيل ڪمپني جو ٽاور جيڪو هڪ ٻئي موبائيل ڪمپني سان شيئرنگ ۾ لڳل آھي، ان جا ۽ ٻين به سڀني ڪمپنين جا سگنلز ۽ نيٽ ورڪ پهريان به وقت به وقت هفتي جا 15 ڏينهن خراب رهندا هئا ته اسان رهواسين برداشت ڪري ويندا هئاسين ۽ رب جي رضا سمجهي هر هڪ پنهنجي استعمال هيٺ رهندڙ نيٽ ورڪ پيا استعمال ڪندا هئاسين پر گذريل هڪ مهيني کان مسلسل ان موبائيل ڪمپني جا سگنلز ۽ نيٽ ورڪ خراب ٿيڻ معمول بڻيل آھي، روزانون سڄو سڄو ڏينهن ۽ رات جو نيٽ ورڪ هر وقت فيل ٿو رهي، بس ڪجھ وقت الائي ڪيڏي مهل هلي ٿو سو به خبر نٿي پوي، ڇاڪاڻ ته موبائيل ۾ مڪمل سگنلز ڏسڻ ۾ اچن ٿا پر جڏهن ڪال ڪيون ٿا يا ڪٿان ڪال اچي ٿي ته نه اڳئي جو آواز سمجھ ۾ ٿو اچي ۽ نه ئي اسان جو آواز اڳئين کي سمجھ ۾ ٿو اچي، آواز ڪٽجي ڪٽجي ٿو اچي ۽ وڃي، مطلب ته ڪال ڪنهن به ڪم جي نه ٿي ٿئي، ان کان سواءِ جن جا ڪالنگ، نيٽ پيڪيج ٿيل آھن اهي پئسا ۽ جيڪي بنا پيڪيج ڪال ٿا ڪن انهن جا پئسا مڪمل طور زيان ٿي ٿا وڃن، ان لاءِ اسان جو جيز وارد ڪمپني جي اعليٰ عملدارن کان مطالبو آهي ته ڦل شھر واري ٽاور سان جيڪو به مسئلو آھي جيڪڏهن ڪو فني مسئلو آھي يا وري ڪو جنريٽر کي هلائڻ لاءِ تيل ڊيزل جو ڪو مسئلو آھي ته اهو حل ڪيو وڃي نه ته مهرباني ڪري پنهنجو ٽاور پٽي وڃو ته جيئن اسان سڀ شھري پنهنجو نيٽ ورڪ تبديل ڪري پنهنجو برباد ٿيل سڪون بحال ڪيون.
محمد خالد ميمڻ/ڦل شھر
ڪراچـي جا نوجوان ۽ موتمار ون ويلنگ !
ڪراچي ۾ نوجوان فاڪر جو قتل ٿيڻ ڪيترائي سوال ٿو پيدا ڪري، جيڪو موٽرسائيڪل جي ريس دوران جهيڙي جي ور چڙهي نوجواني ۾ موت جي ننڍ سمهي پيو، دنيا ۾ موٽر سائيڪل ريسنگ کي مقبول راند طور سمجهو وڃي ٿو ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اهڙا مقابلا ڪرائي انهن نوجوانن کي هڪ ته تفريح جو موقعو ڏنو وڃي ٿو ٻئي طرف سندن حوصلا افزائي ڪري کين باغي ٿيڻ کان بچايو وڃي ٿو. ڪراچي جا نوجوان انٽرنيشنل سٽي جا مالڪ آهن ۽ اهي مائٽن، گهر ڀاتين، دوستن ۽ خاندانن هٿان نتقيد جو نشانو بڻجن ٿا، اهي فيصلا جيڪي شادين ملڪيت وغيره بابت سندن مرضي موجب نٿا ٿين ۽ نتيجي ۾ هو ذهني طور تي پنهنجو پاڻ کي مفلوج محسوس ڪن ٿا ۽ سندن رويا تبديل ٿي وڃن ٿا. اڪثر نوجوان هوا جيان تيز هلندڙ هيوي بائيڪ جو استعمال ڪن ٿا جنهن ۾ نارمل بائيڪ کان وڌيڪ پاور ۽ مزو اچي ٿو، جنهن جي باقاعدي تربيت ڏني ويندي آهي جنهن ۾ هيلميٽ جو استعمال ۽ پنهنجي سيفٽي سامهون پُڻ رکي ويندي آهي پر ان ۾ ملوث نوجوان پنهنجي طاقت جو استعمال پئسن جو ناجائز استعمال ڪندي پنهنجو پاڻ کي ٻين اڳيان نظر اچڻ ۽ مختلف نظر اچڻ گهرن ٿا، پر فري اسٽائل ريسنگ سندن موت جو سبب بڻجڻ سا گڏ ٻين شهرين لاءِ ڪيترائي مسئلا پيدا ڪري ٿي، اڄ روشنين جو شهر ڪراچي جتي اڳ ئي اسٽريٽ ڪرائيمز شهرين جي زندگين ۾ وڏا عذاب پيدا ڪري ڇڏيا آهن ۽ ماڻهو پنهنجو پاڻ کي محفوظ تصور نٿا ڪن جتي هاڻي رستن تي کلي عام شهر جا نوجوان موت جي راند کيڏي رهيا آهن. حڪومت کي گھرجي ته نوجوانن لاءِ باقاعدي حفاظتي انتظامن سان گڏ ريسنگ رکرايون وڃن ۽ کين بي راهه رويءَ کان بچايو وڃي.
ممتاز ڪنڀر/ڪراچي
ناهي ويل ويهڻ جي!
ڦلجي اسٽيشن ۾ مخدوم بلاول ويلفيئر ايسوسيئشن پاران صدر سجاد علي پنهور جي نگراني ۾ “تعليمي سيمينار” ٿيو، جهانگير آرائين جي آرگنائيزنگ هيٺ شهر ۾ پهريون سيمينار هو، سيمينار جو مقصد ٻهراڙي جا اسڪول ڪيئن شهري اسڪولن جو مقابلو ڪن، ٻهراڙي جي شاگردن کي شهري شاگردن جي نصاب ۽ تعليمي عمل ۾ ڪيئن شامل ڪجي، استاد، شاگرد کي ڪيئن دنيا جي ٻين ملڪن ڄاڻ ڏجي، والدين مستقبل جي معمارن جي حيثيت کي ڪيئن بحال ڪن، سڄي ڳوٺ جا ماڻهو ٻارن لاءِ ڪيئن پڙهائي لاءِ اتساهه پيدا ڪن، سيمينار ۾ سنڌ يونيورسٽي جي پي وي سي پروفيسر سيد اظهر علي شاهه، دادو پريس ڪلب جي صدر صابر ڀنڊ، نائب صدر غوث جهتيال، استاد بخاري ڊگري ڪاليج جي پروفيسر علي نواز پنهور، تعليم دان شبانه نواز پنهور، ڊي ڊي او دادو غلام حسين پنهور ۽ ٻين خاص مهمانن جي حيثيت ۾ شرڪت ڪئي. تعليمي سيمينار جي سوال جواب سيشن مان هڪ ڄاڻ ملي ته ٻهراڙي جا اسڪول ان لاءِ به پوئتي آهن جو والدين پنهنجي ٻارن تي ڌيان نٿا ڏين، ٻهراڙي جي اسڪولن جي حالت ڪهڙي آهي اها سڀني کي خبر آهي، حڪومت وٽ تعليم کاتو ته آهي پر ان مان ٻهراڙي شايد “آئوٽ” آهي، جنهن ڪري ٻهراڙي جي اسڪولن مان استادن جي رٽائرڊ ٿيڻ بعد نئون استاد مقرر نٿو ٿئي. اسڪول کي تالو لڳي ٿو ته کولڻ لاءِ آفيسرن کي ڪا پريشاني ناهي، جيڪي اسڪول آهن انهن ۾ سهولت ناهي، شاگردن جي مسئلن جو حل کاتي وٽ ناهي، ڄڻ پرائمري نظام کي ئي “بريڪ” لڳائڻ جي کا پلاننگ پئي ٿئي. مخدوم بلاول ويلفيئر ايسوسيئيشن سنڌ پاران علمي، قلمي، ادبي، سماجي خدمتون ڪندڙن کي ايوارڊ ڏنا ويا. ڦلجي اسٽيشن ۾ ٿيل تعليمي سيمينار مان سنڌ جون سماجي تنظيمون مقصدن کي نظر ۾ رکندي ڪم شروع ڪن اها ئي سنڌ جي ڪاميابي آهي.
درياءُ خان جهتيال/دادو
سنڌ جو شعور جاڳيو آهي!
سنڌ جي وحدانيت تي شروعات کان وٺي ڪڏهن الطاف حسين جهڙا بگهڙ بڪواس ڪندا نظر ايندا آهن ته وري ڪڏهن ملڪ رياض جهڙا ظالم سنڌ جي تاريخي زمينن ۽ سنڌوءَ جي اصلي رهاڪن تي قبضا مافيا بڻجڻ جي پرزور ڪوشش ڪندا آهن پر تاريخ شاهد آهي ته سنڌين ڀلي الطاف حسين هجي يا ٻيو ڪو ڪنهن به سنڌ جي وحدانيت تي وار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌ جي باشعور عوام پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ بنا انهن کي گڏجي پرزور جواب ڏنو آهي، هاڻوڪي بحريا ٽائون واري مسئلي تي پيپلز پارٽيءَ جي خاموشي اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته پيپلز پارٽي ڪنهن به حوالي سان سنڌين جي خيرخواهه ناهي، بس ھڪ وڏيرا شاهي پارٽي آهي، جيڪا پنھنجن مفادن خاطر ڪجهه ٽڪن خاطر ملڪ رياض جهڙي قابض ٽولي جو هر ممڪن طريقي سان ساٿ ڏئي رهي آهي. ان ئي پارٽيءَ جا سردار، ڀوتار ۽ وڏيرا سنڌ ۾ قبيلائي رتوڇاڻ جا ذميوار آهن. پيپلز پارٽيءَ کي هن وقت سمجهڻ گهرجي ته سنڌ جو باشعور ۽ باضمير نوجوان طبقو جيڪو سنڌ لاءِ جان ڏيڻ لاءِ به تيار آهي اهو هر ممڪن طريقي سان ملڪ رياض جهڙي جانور سان پنهنجي قوم خاطر وڙهندو ۽ توهان جي پارٽي کي باقاعدي سبق ڏيندو ته سنڌي قوم هن وقت متحد ٿي چڪي آهي، توهان جا آخري ڏينهن شروع ٿي چڪا آهن، سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران بحريا ٽائون ۽ ملڪ رياض جي ڪامورن خلاف احتجاج هڪ اھم اڳڀرائي آهي، جنهن ۾ هر غيرتمند سنڌي کي پنهنجي ڌرتيءَ خاطر ضرور شرڪت ڪرڻ گهرجي.
غلام مصطفيٰ بالادي/ ڄامشورو