ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو شھر جي اسٽار چوڪ، احمد پور ۽ ٻين علائقن جا  سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف رهواسين احتجاج ڪيو، ان موقعي تي شيراز گهانگهرو، ظفر کوسو، واجد عباسي ۽ ٻين چيو ته شھر جا ڪيترائي ٽرانسفارمر مهينن کان سڙيل آھن جن کي تبديل نه پيو ڪيو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته سڙي ويل ٽرانسفارمر فوري ٺھرائي مسئلو حل ڪيو وڃي،