بدين (رپورٽر) صحافين خلاف ڪيس داخل ٿيڻ خلاف بدين ضلعي ۾ قلم ڌڻين  پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ان ڏس ۾ يونين آف جرنلسٽ جي سڏ تي بدين، ماتلي، نئون دمبالو، ٽنڊو غلام علي، تلهار، ٽنڊوباگو، پنگريو، شادي لارج، نندو، کوسڪي، ڪڍڻ، گولاڙچي، ڪڙيو گهنور، سيراڻي، راڄوخاناڻي، گلاب لغاري، ملڪاڻي شريف ۽ کورواهه ۾ صحافين پاران ريليون ڪڍي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ان موقعي تي دوست محمد چانڊيو، اسحاق ميمڻ، وسيم نوتڪاڻي، گل محمد جعفري ۽ ٻين دانيهندي چيو ته  ضلعي ۾ پوليس صحافين خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي، حق ۽ سچ جون خبرون هلائڻ تان صحافين کي هراسان ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته  صحافي ياسين آرائين، اشرف چانڊيو، رستم ڪھيري ۽ ٻين تي پوليس بنا جواز ڪيس داخل ڪري ناانصافي ڪئي آهي، نوٽيس وٺي ڪيس ختم ڪيا وڃن.