خانواھڻ (ن پ ا ) خانواھڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ پير الياس ڪلهوڙو ۾ پنج ڏينهن اڳ مبينا طور هٿياربندن هٿان پيٽرول  هاري ساڙيل 65 ورهين جو محمد موسيٰ ڪلهوڙو زخمن جا سور نه سهندي گمس ۾ فوت ٿي ويو،حبدار ڪلهوڙو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سندس پيءُ جو جسم باھ لڳڻ سبب گهڻو متاثر ٿيو هو، علاج جي گمس ۾ سهولت نه هئي، مسڪين هجڻ سبب کيس ڪنهن سٺي اسپتال ۾ علاج لاءِ وٺي نه وڃي سگهياسين، جنهن سبب هو لاڏاڻو ڪري ويو، هوڏانهن رابطو ڪرڻ ايس ايڇ او خانواھڻ ٻڌايو ته پيٽرول هاري ساڙيل محمد موسيٰ ڪلهوڙو کي وارثن جي پهچڻ تي ڪيس داخل ڪري وڌيڪ ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي، ٻئي پاسي فوتي جو مڙهه ڳوٺ پير الياس ڪلهوڙو ۾ پهچايو ويو، جنهن جي جنازا نماز سڀاڻي ادا ڪري کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو.