ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ۾ 3 ڏينهن اڳ ڦر مزاحمت تي دڪاندار جي قتل وارو واقعو نئون رخ اختيار ڪري ويو، وارثن جو چاچي تي پئسا ڏئي مارائڻ جو الزام، خبر موجب ڦر مزاحمت تي قتل ٿيل حاڪم بروهي وارو معاملو ڦر نه پر ذاتي جهيڙي سبب ٿيو، ان ڏس ۾ مقتول نوجوان دڪاندار جي وارثن سڳي چاچي رسول بخش بروهي تي ڪرائي جي جوابدارن کان قتل ڪرائڻ جو الزام مڙهيو آهي، ڪنڊيارو ٿاڻي تي مقتول جي ڀاءُ ۽ فائرنگ ۾ زخمي ٿيل علي گوهر بروهي 4 جوابدارن برڪت بروهي، عمران کوسو، راشد مري ۽ عامر خلاف داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو آھي ته سندن چاچي رسول بخش سان ڪجهه ڏينهن اڳ گهرو مسئلي تان منهن ماري ٿي هئي، جنهن سبب چاچي هٿياربندن کي پيسا ڏئي اسان ٻنهي ڀائرن کي قتل ڪرائڻ جو منصوبو جوڙيو، فريادي موجب اهڙي منصوبي تحت هٿياربندن اسان مٿان فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ حاڪم بروهي ٿڏي تي قتل ٿي ويو، جڏھن مان زخمي ٿي پيس، هوڏانهن پوليس ڪيس ۾ نامزد هڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي. جڏهن ته جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن.