سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ شادي شده ناريءَ کي مبينا طور تشدد بعد گاسليٽ ھاري ساڙي قتل ڪرڻ وارو معاملو، نيوپنڊ پوليس سکر جي شڪارپور ۾ ڪارروائي، الزام ھيٺ آيل مک جوابدار گرفتار. سکر ۾ مبينا طور تشدد بعد گاسليٽ ھاري شادي شده نوجوان ناري زينب گڏاڻيءَ جي فوت ٿيڻ بعد الزام ھيٺ آيل ڌر گھر خالي ڪري فرار ٿي وئي ھئي. پوليس الزام ھيٺ آيلن جي گرفتاري لاءِ مختلف ھنڌن تي چڙھايون ڪري ڪجھه ماڻھن کي حراست ۾ ورتو ھو، جن جي نشاندھي تي نيوپنڊ پوليس شڪارپور جي خانپور واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري مقتول ناري زينب گڏاڻي جي مڙس اربيلو گڏاڻيءَ کي گرفتار ڪري ورتو آھي. جڏھن ته ٻين جي گرفتاري لاءِ پوليس طرفان ڇاپن وارو سلسلو جاري آھي. هوڏانهن نيو پنڊ پوليس ٿاڻي تي مقتولا جي والد جي فرياد تي ناريءَ جي قتل جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي. واضح رھي ته مقتول ناريءَ جي والد منظور حسين گڏاڻيءَ حد جي ٿاڻي تي اطلاع ڏيندي موقف اختيار ڪيو آھي ته سندس نوجوان نياڻي زينب گڏاڻي کي 19 فيبروري تي سندس مڙس اربيلو گڏاڻي، سھري مجيد گڏاڻي ۽ سس زرينا گڏاڻي گڏجي سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد گاسليٽ ھاري باھ ڏئي ساڙيو ھو، جيڪا ڇنڇر ڏينهن زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي وئي هئي.