ڪنڊيارو (رپورٽ: وحيد ميمڻ) ڪنڊيارو ڀرسان گھٽي جي لنگھه تان جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، ٻيو زخمي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ گهر تي چڙهائي، مڱريا برادري جو ڌرڻو، خبر موجب ڳوٺ الهڏتو ڪلهوڙو ۾ گهٽي جي لنگھه تان ڪلهوڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهڙو ٿي پيو، جنهن دوران ٻنهي ڌرين هڪٻئي تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب نوجوان محمد اويس ڪلهوڙو ۽ منٺار زخمي ٿي پيا، جن کي تعلقه اسپتال ڪنڊيارو آندو ويو، جتان نوجوان اويس ڪلهوڙو کي نازڪ حالت ۾ نوابشاهه منتقل ڪيو ويو، جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پھچڻ تي ڪهرام مچي ويو، مقتول جي وارثن دانهيو گهٽي جي لنگهه تان سندن نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي، ھوڏانهن مقتول نوجوان اويس ڪلهوڙو جي قتل ۾ ملوث مبينا جوابدارن جي موجودگي جي اطلاع تي ڊي ايس پي ڪمال ديرو ستار اڄڻ بابن شاهه واري علائقي ۾ گورنمينٽ پراسڪيوٽر علي نواز مڱريو جي گهر تي چڙهائي ڪري مبينا طور عورتن سان بدڪلامي ڪئي، پوليس چڙهائي خلاف مڱريا برادري جا سوين ماڻهو پهچي ويا جن عيد گاهه روڊ تي پوليس خلاف ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو، هنن مطالبو ڪيو ته بنا جواز چڙهائي ڪندڙ ڊي ايس پي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.