ڪنري (ن پ ا) 10 ڏينھن اڳ نبي سر ٿر ڊيم ۾ ٻڏي فوت ٿيل ٻن ڀائر نوجوانن انس ۽ سعد آرائين واري معاملي تي سول جج پاران ورتل نوٽيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي تي ڊي ايس پي ڪنري غلام مصطفيٰ ڪاڇيلو ۽ ايس ايچ او ڪنري سيد عاطف شاهه پيش ٿيا، واقعي بابت ذميوارن خلاف ڪاروائي نه ٿيڻ ۽ رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو، ٻڌڻي تي ڊي ايس پي ۽ ايس ايچ او واقعي جي ڪارروائي ۽ جاچ لاءِ مھلت گھري، عدالت درخواست قبول ڪندي پوليس کي مھلت ڏيندي وارننگ ڏني ته ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ ۽ ڪاروائي پيش نه ڪئي وئي ته اوھان خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. ٻڌڻي تي ڊيم عملدارن مان ڪو به پيش نه ٿيو، عدالت ٻڌڻي 9 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.