ڊگهڙي/نئون ڪوٽ (نمائندن وٽان) جسم جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو آهي ته سنڌ کي حڪمرانن هٿ سان ٻوڙيو آهي، هن مهل تائين انهن جي  بحالي لاءِ ڪو به قدم ناهي کنيو ويو، سنڌ جا ماڻهو دربدر آهن، صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ جي ڪافي علائقن ۾ هن وقت به پاڻي بيٺل آهي، ماڻهو سرنهن ۽ ڪڻڪ جو فصل پوکي ناهن سگهيا، هن چيو ته عالمي ادارن طرفان حڪومت کي اربين ڊالر بحالي لاءِ مليا آهن اهي انهن ماڻهن تي استعمال ناهن ٿيا هر طرف بک جا منظر آهن.